اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ جي سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته نيب جي چيئرمين کي پارليامينٽ ۾ طلب ڪرڻ جي معاملي تي پاڻ پارليامينٽ دٻاءُ ۾ آهي احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نيب جي چيئرمين کي پارليمان ۾ طلب ڪرڻ معاملي تي پاڻ پارليامينٽ دٻاءُ ۾ آهي نيب جي چيئرمين جي طلبي جي معاملي تي سينيٽ جو چيئرمين دٻاءُ آهي سينيٽ جو چيئرمين چيو ته نيب جي چئرمين کي ڇڏي ڏيو کيس نه گهرايو. سينيٽر سليم مانڊوي والا ٻڌايو ته نيب عدالت جا چڪر لڳائي آخرڪار فرد جرم لاڳو ٿي ويو آهي، اهو ئي چوندس ته احتساب عدالت غلط فرد جرم لاڳو ڪيو آهي نيب جي چيئرمين کي انهي عدالت ۾ آڻينداسين جاويد اقبال کي ان ريفرنس ۾ شاهد طور پيش ڪنداسين سينيٽر سليم مانڊوي والا هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ملڪ ۾ بزنس مينن کي حراسان ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي هڪ هڪ ڪلاڪ ٽي وي تي اچي نيب جو چيئرمين ليڪچر ڏي ٿو وزيراعظم نيب جي چيئرمين کي ملڪ جو ناڻي وارو وزير مقرر ڪري ڇڏي. نيب جي چيئرمين کي ٻيهر نيب چيئرمين جي عهدي تي ويهاريو ويو ته ملڪ جي معيشت تباهه ٿي ويندي هن چيو ته حڪومت نيب کي استعمال ڪري رهي آهي، نيب اپوزيشن پارٽين جي خلاف ڪيسن تي زور ڏنو آهي. نيب جي خواهش آهي ته اپوزيشن پارٽيون چپ رهن نيب اپوزيشن ليڊرز کي جيل ۾ به وڌو ته جيئن اهي چپ رهن پر اهي چپ نه رهندا نيب اپوزيشن پارٽين کان انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي ايئن لڳي رهيو آهي ته نيب اداري کي نيب وارا ئي ختم ڪري ڇڏيندا.
