اسلام آباد (مانيترنگ ڊيسڪِ) پارليماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ شهبازشريف تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته چيلهه جي تڪليف سبب شهبازشريف ترت لنڊن وڃڻ چاهي رهيو هو پر بجيٽ تقرير لاءِ 4 ڪلاڪ بيٺو رهيو وزيراعظم جي شفاء بجيٽ سور ختم ڪري ڇڏيو ڀڳل ليڊرن کي به چئو واپس اچن. صدارتي نظام ۽ 18هين ترميم جو خاتمو ٻئي شوشا آهن، ترديد ڪيان ٿو چونڊ سڌارن تي ڳالهه پارليامينٽ ۾ ٿي سگهي ٿي ماضي ۾ 414 ڊرون حملا ڪيا ويا هاڻي پاڪ سرزمين ڊرون حملن کان محفوظ آهي اسان ڪنهن جا غلام نه آهيون اتحادي صرور آهيون هي اميرن جي نه پر غريبن جي بجيٽ آهي قومي ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ به وڏي اڪثريت سان بجيٽ پاس ٿيندي اربع تي ڊاڪتر بابر اعواڻ جي تقرير دوران پ پ جي عورتن احتجاج ڪيو جنهن تي بابر اعواڻ چيو ته مان چاهيان ٿو ته هي رڙيون ڪن ته جيئن سڄي قوم ڏسي هن چيو ته اپوزيشن ليڊر جنهن جي چيلهه ۾ ڪيڏي تڪليف هئي جو هو ترت لنڊن وڃڻ چاهي پيو. هتي بجيٽ تقرار لاءِ 4 ڪلاڪ بيهي تقرير ڪندو رهيو هن چيو ته اهڙي بجيٽ عمران خان پيش ڪئي شهبازشريف چئن ڏينهن تائين اٿ ويهه ڪندو رهيو هن چيو ته چيلهه ۾ سور هو لنڊن وڃڻو هو پر وزيراعطم جي شفاء واري بجيٽ سندس چيلهه جو سور ختم ڪري ڇڏيو ڇا هي پنهنجي دورن جي هڪ بجيٽ به ٻڌائي سگهن ٿا جنهن ۾ ڪوئي عملي ڪم ٿيو هجي. ڳالهه ٻولهه حقيقت تي ٿيڻ گهرجي هن چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرونا هو جنهن کي بهتر نموني سان هينڊل ڪيو ويو هي اميرن جي نه پر غريبن جي بجيٽ آهي. ڳالهه ڪرڻ جي جڳهه هي اسيمبلي آهي برطانيا جي اسيمبلي نه اهي هن چيو ته وڏو گوڙ ڪيو ويو پر اسپيڪر ڪجهه نه ڪيو اوهان بنا فرق ميمبرن کي معطل ڪيو هن چيو ته 19 ڪلاڪ 30 منٽ اپوزيشن جو ٽائيم هو ساڍا 27 ڪلاڪ ڳالهائي چڪي آهي ڀڳل ڪيڊرن کي چئو ته اهي به واپس اچن هن چيو ته يو اين ڊي پي جي رپورٽ پڙهو ناڻي وارو وزير پنهنجي ڳالهه پاڻ ڪندو. منظر تبديل ٿي ويو نظام تبديل ٿي ويو. عادتون تبديل ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو. بابر اعواڻ چيو ته ٻڌايو وڇي ته عمران خان کان علاوه ڪنهن ٽوئٽ ڪري دنيا کي جواب ڏنو ته نو مور، ڇا سڀني کي ياد نه آهي ته پاڪستان ۾ 1400 ڊرون حملا ٿيا هئا عمران خان جي اچڻ کان پوءِ ٻڌايو ته ڪيترا ڊرون حملا ٿيا عمران خان ئي هو واحد ليڊر آهي جنهن جنگ بدران امن ۾ حصيدار بڻجڻ جو اعلان ڪيو.
