اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف هڪ ٽيڪنيڪل فورم آهي، ڀارت کي فورم جي سياسي استعمال جي اجازت نه ملڻ گهرجي اسان کي 27 ايڪشن آئٽمز ڏنا ويا جنهن مان 26 تي ڪم مڪمل ڪري چڪا آهيون پاڪستان کي وڌيڪ گري لسٽ ۾ رکڻ مناسب نه هوندو ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان اهم بيان ۾ هن چيو ته ايف اي ٽي ايف ٽيڪنيڪل فورم آهي ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان پاڪستان ٽيڪنيڪي لوازمات پورا ڪري چڪو آهي هن چيو ته 27هين نقطي تي ڀرپور ڪم ٿي چڪو آهي ان صورتحال ۾ پاڪستان ۾ گري لسٽ ۾ رکڻ جو ڪوئي جواز هاڻي نٿو رهي هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي رڳو هڪ تلوار لڙڪائڻ مقصد آهي ته اها الڳ ڳالهه آهي ڏسون ٿا ته پليمري اجلاس ۾ ڪهڙو فيصلو ٿئي ٿو هن چيو ته ڀارت هن فورم کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو ڀارت کي هن فورم جي سياسي استعمال جي اجازت نه ملڻ گهرجي هن چيو ته پاڪستان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد روڪڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا هن چيو ته گري لسٽ جو تحفو اسان کي ورثي ۾ مليو اسان جي حڪومت اچڻ کان پهريان پاڪستان گري لسٽ ۾ وڃي چڪو هو هن چيو ته اسان پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي هن چيو ته اڄ دنيا اعتراف ڪري رهي آهي ته اهڙا ٺوس قدم پاڪستان ۾ اڳ ڪنهن حڪومت ناهن کنيا. منهنجي نظر ۾ پاڪستان ايڪشن پلان تي مڪمل عمر ڪري چڪو آهي.

Newly-appointed Pakistani Foreign Minister Shah Mahmood Qureshi addresses the media on his first day at the Foreign Ministry in Islamabad on August 20, 2018. (Photo by FAROOQ NAEEM / AFP)