نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / سوڊان تي ڪو پرڏيهي حل لاڳو نه ڪيو ويندو- آمريڪا

سوڊان تي ڪو پرڏيهي حل لاڳو نه ڪيو ويندو- آمريڪا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي سلامتي ڪائونسل ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص مددگار ۽ آفريقا جي معاملن لاءِ سينيئر صلاحڪار سيريل سارٽر چيو آهي ته سوڊان تي ٻاهر کان ڪو حل لاڳو نه ڪيو ويندو. سارٽر جو اهو بيان خرطوم ۾ سوڊاني صدر جي مددگار فيصل حسن ابراهيم سان ملاقات کانپوءِ آيو آهي. هن چيو ته عبوري مرحلي مان گذري رهيو آهي پر ان ڳالهه جي شديد ضرورت آهي ته حڪومت شهرين جي پرامن اظهار جي حق جو احترام ڪري. هن مظاهرو ڪندڙن کان پڻ مطالبو ڪيو ته هو پرامن رهن، وڌيڪ صبر ذريعي حڪومت ڪو سياسي حل ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي ۽ سوڊان تي ٻاهر کان ڪو حل لاڳو نه ڪوي ويندو. فيصل حسن ابراهيم چيو ته سوڊان گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن ۾ آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان

رياض: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سعودي عرب جي سرڪاري اخبار(اردو نيوز) موجب سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے