ملير (رپورٽر) سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران 6 مئي تي بحريا ٽائون خلاف ڌرڻي کانپوءِ سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي وڏي تعداد ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، بحريا ٽائون خلاف آواز اٿارڻ تي سنڌ حڪومت اسان قومپرستن کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سڄي سنڌ ۾ لاقانونيت آهي، ڌاڙيل راڄ آهي پر ڪرپٽ وزيراعليٰ سنڌ ڌرتي جي بقاءَ لاءِ وڙهندڙ قومپرستن جي خلاف پوليس کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، جيئي سنڌ محاذ جي قيادت کي صنعان خان قريشي سان جيل ۾ ملڻ نٿو ڏنو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، سيد نواز شاهه ڀاڏائي، غلام نبي کٽي، ممتاز بروهي، غلام قادر لغاري، عابد حيدري سان گڏ شهيد بشير خان جي گهر تي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ان موقعي تي جسقم جي وائس چيئرمين سرور خشڪ، قوثين خان قريشي پڻ موجود هئا، جسم چيئرمين رياض چانڊيو وڌيڪ چيو ته سنڌ تي ڌارين جي قبضي خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي جدوجهد جاري آهي، اسان ڪنهن به صورت ۾ سنڌ تي والار ڪرڻ نه ڏينداسين، پ پ حڪومت چور آهي هو سنڌ ڌرتي ڌارين کي کپائي رهي آهي، اسان سنڌ جي انچ انچ جي مالڪي جو حق رکون ٿا، بحريا واقعي ۾ قومپرست قيادت سميت 180 ڪارڪنن کي جيلن ۾بند ڪري مٿن دهشتگردي جا 29 ڪيس لڳايا ويا آهن پر بلديا واقعي ۽ 12 مئي جهڙن واقعن جا ڪيس دهشتگرد ٽوڙ عدالت ۾ ذميوار ماڻهن خلاف داخل نه ڪيا ويا، هن چيو ته سرڪاري غنڊا گردي جي انتهاءَ اها آهي ته بحريا ٽائون جي بينر ٺاهيندڙن کي دهشتگردي جي ڪيس ۾ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جا بينر ٺاهيندڙ ڪڏهن به گرفتار نه ٿيا آهن، سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ اسان جي قومپرستن لاءِ ڏوهه بڻجي وئي آهي، هن چيو ته مون ٻه ڀيرا جسقم چيرمين صنعان خان قريشي ۽ ٻي قيادت سان ملاقات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون کي ملاقات ڪرڻ نه ڏني وئي، اسان سنڌ جا حلالي پٽ آهيون سنڌ جي زمين، ٻيٽ زرداري ٽولي کي وڪرو ڪرڻ نه ڏينداسين، اسان تمام جلد سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌ اسيمبلي جي گهيراءُ سميت مختلف آپشن تي غور ڪري رهيا آهيون.
