Home / پاڪستان / ماضي ۾ پارٽي جون ٽڪيٽون ڏيڻ ۾ وڏيون غلطيون ڪيون آهن: عمران خان

ماضي ۾ پارٽي جون ٽڪيٽون ڏيڻ ۾ وڏيون غلطيون ڪيون آهن: عمران خان

گلگت (مانيٽرنگ ڊيسڪ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ ٽڪيٽون ڏيڻ ۾ وڏيون وڏيون غلطيون ڪيون اڪثر خيال ايندو آهي ڪنهن کي وزارت ڏيڻ گهرجي ها ۽ ڪنهن کي ٽڪيٽون ڏيڻ گهرجن ها ڪجهه ماڻهو پنهنجي ذات کي فائدو پهچائڻ لاءِ اقتدار ۾ اچن ٿا ملڪ مان پئسو ٻاهر کڻي ويندڙ ملڪ جا سڀ کان وڏا غدار ۽ مجرم آهن نيب 20 سالن کان قائم آهي رڳو هاڻي هن وڏن وڏن ماڻهن ۾ هٿ وڌو آهي هڪ ڊيموڪريٽ آهيان ڪڏهن به ڪنهن ڊڪٽيٽر جي حمايت نٿو ڪري سگهان هر هٿان پئسن جو مطالبو اهي قرضن جون قسطون ڏيڻ جي ڪري تمام گهٽ وسيلا هوندا آهن گلگت بلتستان لاءِ ترقياتي پئڪيج هڪ وڏو ڪارنامو آهي ٻاهرين ملڪ ماڻهن کي ڇڏيو اسان جي پنهنجي ماڻهن کي ناهي خبر ته پاڪستان ڪيترو خوبصورت آهي سوئٽزر لينڊ اسان جي گلگت بلستان کان اڌ آهي رڳو سياحت سان 60 کان 80 ڊالر ڪمائي ٿو اسان به خطي کي ترقي ڏيون ته ملڪ ۽ قوم ٻنهي جو فائدو ٿيندو تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قرضن جون قسطون ڏيڻ جي ڪري تمام گهٽ وسيلا هوندا آهن ۽ هر هنڌان مطالبو آهي پئسن جو جڏهن ته گلگت بلتستان لاءِ اهڙي قسم جو پئڪيج هڪ وڏو ڪارنامو آهي وزيراعظم چيو ته پهريون ڀيرو 15 سالن جي عمر ۾ گلگت بلتستان آيو هيس انهن ڏينهن ۾ رستا ايئن هئا ته اتي جي مقامين کان علاوه دنيا ڪو به ڊرائيور اتي گاڏي نه پئي هلايو سگهيو هن چيو ته هتي ڪوئي ايندو ئي نه هو ۽ هي علائقو دنيا کان پري هو هتي رستا ايترا ته ڏکيا هئا جو هتان جا علائقا به هڪٻئي سان رابطي ۾ نه هئا وزيراعظم چيو ته ان کي ڏسڻ کان پوءِ دنيا جي ٻين خوبصورت علائقن ۾ ويس ته ان شئي تي فخر ٿيندو هو ته پاڪستان ۾ اهڙو علائقو آهي جنهن جو مقابلو دنيا ۾ ڪوئي نه پئي ڪري سگهيو سندس چوڻ هو ته باهرين ملڪن مان جڏهن پنهنجي دوستن کي پاڪستان جو هي حصو ڏيکاريو ته انهن به چيو ته هن کان خوبصورت دنيا ۾ ڪوئي علائقو نه آهي. تڏهن مان هن علائقي جي مدد جو فيصلو ڪيو هو هن چيو ته مان هڪ تصويرن تي ٻڌل ڪتاب انڊس جرني لکيو جڏهن اهو انگلينڊ ۾ شايع ٿيو ته سڀ حيران ٿي ويا ته اهڙو به پاڪستان آهي عمران خان چيو ته جڏهن کان اسان جي حڪومت آئي اسان هن خطي کي مٿي آڻڻ جو فيصلو ڪيو هو هن چيو ته هتي فوڊ پراسيسنگ جي گهڻي گنجائش آهي جڏهن ته اصل ۾ هتي سياحت کي هٿي وٺرائڻ جا ڪافي موقعا آهن وزيراعظم چيو ته اسان به هن خطي کي ترقي ڏيون ته ملڪ ۽ قوم ٻنهي جو فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ پارٽي جون ٽڪيٽون ڏيڻ ۾ وڏيون وڏيون غلطيون ڪيون آهن ۽ هاڻي ان بابت اڪثر سوچيان ٿو جڏهن ته الله جو شڪر آهي ته خالد خورشيد کي اوهان جو وڏو وزير بنائڻ جو منهنجو فيصلو بلڪل ٺيڪ هو عمران خان چيو ته دنيا ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو سياست م اچن ٿا انهن مان هڪ پنهنجي ذات کي پهچائڻ لاءِ اچي ٿو اسان وٽ هتي سياست ۾ اخلاقيات ايتري ڪري پئي آهي جو ان کي ڪرپشن نٿو سمجهيو وڃي هي ماڻهو عوام جو پئسو چوري ڪن ٿا ۽ ٻاهر کڻي وڃن ٿا ۽ ملڪ کي وڌيڪ نقصان رسائن ٿا ڇو ته انهن جي ڪري ئي عوام غريب ٿئي ٿي هن چيو ته ٻيا ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ سياست ۾ اچن پر عوام لاءِ به ڪجهه نه ڪجهه ڪن ٿا هن چيو ته ٽيان اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي سياست کي عبادت سمجهن ٿا ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن ٿا وزيراعظم چيو ته اقتدار وڏي ذميواري هوندي آهي پاڻ سڳورن صلعم مديني جي رياست قائم ڪري دنيا لاءِ مثال قائم ڪيو حضرت عمر خليفو ٿيو ته ان چيو هو ته ان جي رياست ۾ هڪ ڪتو به بکيو مري ته هو ذميوار آهي هن چيو ته وزيراعليٰ گلگت بلتستان خالد خورشيد ۾ هڪ جنون آهي ته ڪيئن هي پنهنجي علائقي کي بهتر ڪري جڏهن هي اسان وٽ پروپوزل کڻي اچي ٿو ته اسان ان جي پوري مدد ڪيون ٿا هن چيو ته 370 ارب رپين جي شروعات ٿي ويئي آهي ۽ اسان اڳتي وڌيڪ اڃا مدد ڪنداسين هن چيو ته منهنجي تجويز آهي ته جيڪڏهن اوهان کي سياحت تي صحيح طريقي سان ڪم ڪيو ته اوهان وفاق کان پئسا ڇا گهرندا وفاق اوهان کي چوندو ته اسان کي به ڪجهه پئسا ڏيو وزيراعظم چيو ته سياحت جي شعبي لاءِ سٺي رٿابندي تحت ڪم ڪرڻو آهي جيڪڏهن صحيح رٿابندي نه ٿي ته سياحت نه ايندي آخر ۾ هن 370 ارب رپين جي 5 سالن جي گلگت بلتستان ترقياتي پئڪيج جو اعلان ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا جي غريب ملڪن جو داستان اهو ئي اهي ته اتان جا طاقتور ماڻهو الهندي شهر ۾ محل ٺاهن ٿا هن چيو ته نيب 20 سالن کان قائم آهي صرف ان هاڻي وڏن وڏن ماڻهن ۾ هٿ وڌو آهي پاڪستان جي خوشحالي لاءِ هي هڪ جدوجهد هلي رهي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي آءِ اي ترجمان جي جهاز کي چيڪ ايئر فورس طرفان حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ جي سختي سان ترديد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي ايئر لائين (پي آءِ اي)جي ترجمان انهن رپورٽن جي سختي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے