Home / تازا ترين / بلاول ڀٽو زرداري، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو فيصلو اچڻ کان پوءِ صدر عارف علوي ۽ فروغ نسيم جي استيعفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو

بلاول ڀٽو زرداري، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو فيصلو اچڻ کان پوءِ صدر عارف علوي ۽ فروغ نسيم جي استيعفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو فيصلو اچڻ کان پوءِ صدر عارف علي ۽ فروغ نسيم جي استيعفا جو مطالبو ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي هڪ تير سان شير سميت ڪيترائي شڪار ڪيا پيپلزپارٽي کان ڪيترائي ڀيرا ڪاميابي کسي وئي پر ڪراچي وارن سليڪٽڊ حڪومت کي رد ڪري ڇڏيو پاڪستان جي سياست جمهوري قوتن ڏانهن وڌي رهي آهي شڪست تي (ن) ليگ جو ردعمل افسوس جوڳو آهي ان جو نقصان ئي ٿيندو (ن) ليگ کي هار مڃڻ سکڻ گهرجي عمران خان اسٽيبلسمينت بدران پيپلزپارٽي سان وڙهڻ (ن) ليگ جو شوق آهي ڊسڪا اليڪشن وانگر ڪوهيڙ نه هئي ڊسڪا ٽو جو شور مچائيندڙ ٻڌائين ته ڪٿي ڊسڪا وانگر فائرنگ ٿي جيڪڏهن ڪائي گڙٻڙ ٿي آهي ته ثبوت ڏيون بشير ميمڻ کي اسان عزت جي نگاهه سان ڏسون ٿا بشير ميمڻ کي اصغر خان جي ڪيس جي جاچ ڪرڻ بدران منهنجي لانڍري جي بل جي پويان لڳايو ويو بشير ميمڻ جي الزامن تي جاچ ٿيڻ گهرجي ميڊيا سيل بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام اسان کي هن ننڍي چونڊ ۾ ڪامياب ڪري هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو اهي ته پاڪستان جو عوام هن حڪومت سان نه آهي، پاڪستان جو عوام اسان سان گڏ آهي ۽ اپوزيشن سان گڏ بيٺو آهي هن چيو ته پاڪستان جي عوام ٻيهر تحريڪ انصاف کي عبرتناڪ شڪست ڏياري آهي ۽ ڪراچي جي عوام هن ڪٺپتلي، نالائق ۽ نااهل حڪومت کي واضح پيغام ڏنو آهي ته هن سليڪٽڊ جي حڪومت کي ڪراچي جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته غربت مهانگائي ۽ بيروگاري کي منهن ڏيندر عوام پيپلزپارٽي جي غريب دوست ۽ عوام دوست منشور جو ساٿ ڏيئي هن عوام ۽ غريب دشمن حڪومت کي شڪست ڏني آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته هي پاڪستان جي سياست لاءِ نئين موڙ جو ثبوت آهي ته پاڪستان جي سياست جمهوري قوتن طرف اڳتي وڌندي نظر اچيرهي آهي بلاول ڀٽو چيو ته پ پ جي جمهوري ۽ اپوزيشن جي حڪمت عملي جي ڪري اسان نه رڳو حڪومت کي گذريل ننڍي چوند ۾ سڄي ملڪ ۾ هارايو، پر قومي اسيمبلي، چيئرمين سينيٽ جي اليڪشن ۾ به هارايو ۽ اسان هاڻي ڪراچي جي ننڍي چونڊ پيپلزپارٽي هن سيٽ تان ڪاميابي حاصل ڪئي جنهن بابت اوهان سڀ چئي رهيا هئا ته اتان پ پ نٿي کٽي سگهي هن چيو ته ڪراچي جي عوام ملير کان پوءِ بلديه جي ننڍي چونڊ ۾ اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته هو پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تير آهي ۽ انشاءالله پيپلزپارٽي به اهو ثابت ڪندي ته اسان ڪراچي جي عوام جي اميدن مطابق ڪم ۽ محدود وسيلن ۾ وڌيڪ محنت سان انهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ چيئرمين چيو ته سچ اهو آهي ته پيپلزپارٽي ڪيترائي ڀيرا هن سيٽ تان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اسان کان اسان جي هي ڪاميابي کسي وئي هئي 1970 ۽ 1988 ۾ هن سيٽ تان اسان جو اميدوار ڪامياب ٿيو پر ان کان پوءِ هر اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي کي ته ووٽ مليا 2018 جي اليڪشن ۾ 60 هزار ووٽ مليا هئا ۽ اسان چئون ٿا ته جڏهن صاف ۽ شفاف اليڪشن ٿيندي ته پيپلزپارٽي سٺا نتيجا کڻي ايندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته اسان جسٽس قاصي فائز عيسيٰ جي خلاف هن غيرقانوني قدم جي اڳ به مخالفت ڪئي هئي ۽ ججز جي بليڪ ميلنگ، انهن جي جاسوسي ڪندڙن ۽ ريفرنس موڪليندڙن کي پنهنجي عهدن تي نه رهڻ گهرجي ها ۽ عدليه تي اهڙي قسم جا حملا ڪرڻ کان پوءِ کين استيعفا ڏيڻ گهرجي ها ۽ جڏهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي بري ڪري ان سازش کي بي بقاب ڪري ڇڏيو ته انهن ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي جن سپريم ڪورٽ جي معزز جج کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو. هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ چيئرمين چيو ته ڇا ڪراچي جو عوام ان نعري کي مڃيندو ته مون کي ووٽ ڏيو ته جيئن مان استعيفا ڏيئي سگهان نه ڪوئي منهن نه سُر ان جي سياست ۽ سياسي حڪمت عملي جو نقصان سڄي پاڪستان جي قوم کي ٿيندو مسلم ليگ (ن) جنهن ڪنفيوزن جو شڪار آهي اهڙي طرح سياست نٿي هلي سگهي هن چيو ته جيڪڏهن هن اليڪشن ۾ مسلم ليگ (ن) لتي وڃي ها ته مان پاڻ شهبازشريف کي فون ڪري مبارڪ ڏيان ها ۽ مان سمجهان ٿو ته جهڙو ردعمل انهن هن هار تي ڏنو آهي اها انتهائي بدقسمتي آهي ۽ ان جو نقصان انهن کي ئي ٿيندو. بلاول ڀٽو چيو ته بشير ميمڻ جي بيان کي شق جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو بشير ميمڻ کي ڪوئي غيرقانوني حڪم ڏنو پئي ويو ته ٽي وي تي اچي ٻڌائي ها بشير ميمڻ جي خلاف جاچ ٿيڻ گهرجي سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس کي فالو ڪرڻ جو حڪم ڏنو، بشير ميمڻ عدالتي حڪم نه مڃي عدالت جي توهين ڪئي بشير ميمڻ عدالتي حڪم مڃڻ بدران پيپلزپارتي جي پويان پئجي ويو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي آءِ اي ترجمان جي جهاز کي چيڪ ايئر فورس طرفان حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ جي سختي سان ترديد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي ايئر لائين (پي آءِ اي)جي ترجمان انهن رپورٽن جي سختي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے