Home / تازا ترين / 249 ۾ ڪاميابي اصل ۾ سياسي ڪارڪنن جي محنت جو نتيجو آهي: سعيد غني

249 ۾ ڪاميابي اصل ۾ سياسي ڪارڪنن جي محنت جو نتيجو آهي: سعيد غني

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته تڪ اين اي 249 ۾ پيپلزپارٽي جي ڪاميابي اصل ۾ سياسي ڪارڪنن جي محنت جو نتيجو آهي هن ملڪ ۾ جڏهن به صاف ۽ شفاف اليڪشن ٿي آهي پ پ ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي آهي مسلم ليگ (ن) سميت سمورين سياسي پارٽين کي دل سان پنهنجي هار تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ اليڪشن کي تڪراري نه بنائڻ گهرجي ايندڙ مڪاني چوندون ۽ 223 جي عام چونڊن ۾ به پيپلزپارٽي انشاءالله ڳري اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي اهڙن خيالن جو اظهار گذريل ڏينهن تڪ اين 249 جا نتيجا اچڻ کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي صوبائي وزير سهيل انور سيال، وقار مهدي، قادر خان مندوخيل ۽ ٻيا به ان سان گڏ هئا سعيد غني چيو ته اسان هميشه چيو آهي ته ڪراچي جي شهرين کي انهن جي مرضي سان ووٽ جو حق ڏنو وڃي ۽ جڏهن ايئن ٿيو آهي ۽ جڏهن چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ نتيجا تبديل نه ڪيا ويا آهن تڏهن پ پ اڪثريت سان ڪامياب ٿي آهي ۽ اڄوڪا نتيجا ان جو چٽو ثبوت آهي سعيد غني چيو ته اڄ صبح جڏهن پولنگ شروع ٿي ته ٽرن آئوٽ گهٽ هو جنهن جو سبب گرمي ۽ رمضان جا روزا هو هن چيو ته صبح کان جيستائين پولنگ جي پڄاڻي ٿي ان وقت تائين ڪنهن به سياسي پارٽي ڪنهن قسم جي ڌانڌلي جعلي ووٽنگ ان جي پولنگ ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍڻ يا ان کي فارم 45 فراهم نه ڪرڻ جي ڪائي شڪايت نه ڪئي اوچتو مسلم ليگ (ن) پاران ڇو پنهنجي فتح جو اعلان ڪيو ويو جيتوڻيڪ پهريان فارم 45 کان وٺي آخري 45 فارم حاصل ڪرڻ تائين ڪنهن هڪ موقعي تي به اها پيپلزپارتي کان اڳتي ناهي رهيو سعيد غني چيو ته شايد اهي هن غلط فهمي ۾ هئا ته هي سيٽ انهن جي وراثت آهي يا انهن کي هتان ڪوبه نٿو هارائي سگهي ته اها انهن جي زيادتي هن چيو ته تڪ اين اي 249 ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ صاف ۽ شفاف ٿي آهي هن چونڊ ۾ صوبائي حڪومت جو ڪوئي عمل دخل ناهي رهيو ۽ اسان اليڪشن ڪميشن جي قائدن ۽ ضابطن جي مڪمل پاسداري ڪندي هي اليڪشن وڙهي آهي ۽ کٽي آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته اسان کي اڳواٽ يقين هو ته اسان هي اليڪشن کٽينداسين ڇو ته شايد ٻين سياسي پارٽين کي ٽي وي پول تي اعتماد هو پر اسان کي پنهنجن ڪارڪنن ۽ جيالن تي مڪمل اعتماد هو ۽ انهن اليڪشن لا3 جهڙي طرح محنت ۽ تياري ڪئي هئي ان کان پوءِ اسان جي فتح ضرور هئي سعيد غني چيو ته هي چونڊ سياسي ڪارڪنن جي محنت جو نتيجو آهي ۽ ان کي سڀني کي تسليم ڪرڻو پوندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم، سرڪاري آفيسون وراثتي شيءِ نه آهن: چيف جسٽس

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ فوتي ملازم جَي اولاد کي نوڪريون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے