Home / رانديون / بريٽ لي ڀارت جي لاءِ ڳري رقم عطيو ڪري ڇڏي

بريٽ لي ڀارت جي لاءِ ڳري رقم عطيو ڪري ڇڏي

سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي اڳوڻي فاسٽ بالر بريٽ لي به پيٽ ڪمنس جي واٽ تي هلندي ڀارت ۾ ڪورونا مريضن لاءِ آڪسيجن جي کوٽ پورو ڪرڻ لاءِ ڳري رقم عطيو ڪئي. ان کان اڳ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر پيٽ ڪمنس ڀارت ۾ ڪورونا مريضن لاءِ آڪسيجن جي کوٽ پورو ڪرڻ لاءِ 50 هزار ڊالر جي رقم عطيو ڪئي هئي. بريٽ لي پيٽ ڪمنس جي اهڙي قدم جي واکاڻ ڪندي 41 لک کان وڌيڪ رقم ڀارت ۾ آڪسيجن سلينڊرز جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سوشل ميڊيا تي پيغام ۾ بريٽ لي لکيو ته ڏکئي وقت ۾ ڀارت ۽ ڀارتي عوام سان دلي همدردي آهي، ڀارت سندس ٻيو گهر آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قانونن ۾ اهم تبديليون

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قانونن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے