Home / شوبز / مشهور پاڪستاني اداڪارا مرينا خان به ڪرونا ۾ مبتلا

مشهور پاڪستاني اداڪارا مرينا خان به ڪرونا ۾ مبتلا

ڪراچي(شوبز)مشهور پاڪستاني اداڪاره مرينا خان ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي پئي آهي.”تنهائيان“ ۽ ”ڌوپ ڪناري“ جهڙن ڪامياب ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪاره مرينا خان پنهنجو ٽيسٽ مثبت اچڻ جي خبر گذريل ڏينهن هڪ وڊيو پيغام ذريعي ڏني، اداڪاره اهو به ٻڌايو ته هن پاڻ کي 14 ڏينهن جي لاءِ ڪمري ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته مون اڳ ڪورونا وائرس کي سنجيدگي سان نه پئي ورتو پر هاڻ جڏهن آئون پاڻ وٺجي وئي آهيان ته طبيعت خراب ٿي وئي آهي.اداڪاره مرينا خان ڪورونا جون علامتون ٻڌائيدي چيو ته ڪورونا هڪ حقيقت آهي، مونکي ڪورونا جي ڪري بار بار بخر ٿئي ٿو، مٿي ۾ به سور ٿئي ٿو پر شڪر آهي هاڻ مٿي جو سور ڪجهه گهٽ آهي

بابت admin

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے