راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي خطري کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پوري طرح فعال آهي. سڀني ايئرپورٽن تي ڪورونا پڙتال ڪائونسل قائم ڪيا ويا آهن. آمريڪا افغان امن معاهدو پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هن وقت ڪيترائي ملڪ ڪورونا وائرس جو شڪار آهن ۽ اسان کي همت ۽ جرئت سان ان جو مقابلو ڪرڻو آهي. اسلام آباد سميت سڄي ملڪ جي سڀني ايئرپورٽن تي ڪورونا پڙتال ڪائونٽر قائم ڪيا ويا آهن. ڪورونا وائرس سبب شهرين کي ڊڄڻ نه گهرجي. هن چيو ته آمريڪا افغان امن معاهدو پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي جنهن جو سڄو ڪريڊٽ وزيراعظم عمران خان کي وڃي ٿو. اهو معاهدو سڄي دنيا جي امن لاءِ وڏو قدم آهي.
