Home / پاڪستان / پي آءِ اي ترجمان جي جهاز کي چيڪ ايئر فورس طرفان حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ جي سختي سان ترديد

پي آءِ اي ترجمان جي جهاز کي چيڪ ايئر فورس طرفان حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ جي سختي سان ترديد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي ايئر لائين (پي آءِ اي)جي ترجمان انهن رپورٽن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي ته پي آءِ اي جي جهاز کي چيڪ ايئرفورس حفاظتي تحويل ۾ ورتو آهي. پي آءِ اي ترجمان ڇنڇر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو ته پي ڪي 786 لنڊن کان اسلام آباد 27 فيبروري تي ان کي ڪنهن فائيٽر جهاز گهيري ۾ ناهي ورتو. پي ڪي 786 هنگري ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر سان سلواڪيه جي هوائي حدن تائين مسلسل رابطي ۾ رهيو. ترجمان بڌايو ته هنگري ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر فضائي ٽريفڪ جي نظر ۾ رکندي ڊائريڪٽ روٽ ڏنو هو جنهن جي تصديق رومانيه ۽ چيڪ عملدارن جهاز سان ڪئي آهي. ڄاڻايل اڏام جي پائليٽ طرفان اجازت ٻڌائڻ تي ڊائريڪٽ رستو برقرار رکڻ جي اجازت ڏني. ترجمان چيو ته اهڙن واقعن يا خلاف ورزي جو اطلاع فوري طور تي لاڳاپيل ملڪ کي ڏنو ويندو آهي. پي آءِ اي کي ڪنهن به طرفان ڪا به رپورٽ موصول ناهي ٿي ۽ پائليٽ جي رپورٽ به ڪنهن غيرمعمولي واقعي جي نشاندهي ناهي ڪئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان اسلام جي نالي تي سياست ڪري رهيو آهي جيڪو اسلام کان اڻ وقف آهي: فضل الرحمان

سکر/شڪارپور (عيوضي) جمعيت علماءِ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے