Home / پاڪستان / پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا 2 نوان ڪيس سامهون آيا آهن: ظفر مرزا

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا 2 نوان ڪيس سامهون آيا آهن: ظفر مرزا

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا 2 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. اسلام آباد ۾ سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران هن ٻڌايو ته هڪ ڪيس سنڌ ۽ ٻيو وفاق ۾ رپورٽ ٿيو آهي. ان کان سواءِ هن ٻڌايو ته پهرين رپورٽ ٿيل مريض تيزي سان صحتياب ٿي رهيا آهن. خاص مددگار ميڊيا کان درخواست ڪئي ته هو مريضن بابت سندن ذاتي ڄاڻ نشر ڪرڻ کان پاسو ڪن. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڪابينا جو اجلاس 3 ڪلاڪن تائين جاري رهيو پر پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڪا به ايمرجنسي ناهي. ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هوائي رابطا رابطا بند آحن. ان کان سواءِ خاص مددگار ٻڌايو ته هر ڪنهن کي ماسڪ استعمال ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ان ڏس ۾ سڌُ سماءَ واري مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام ۾ آگاهي ۽ شعور بيدار ڪرڻ جي لاءِ ٽيم بڻجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته صحت واري وزارت ڪورونا وائرس جي حوالي سان هر ممڪن بندوبست ڪري رهي آهي پر جلد ئي وائرس جي حوالي سان نيشنل ايڪشن پلان ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مخالف ڌر اهڙن ايشوز تي سياست ڪرڻ کان پاسو ڪري ڇو ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڪا به ايمرجنسي ناهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان اسلام جي نالي تي سياست ڪري رهيو آهي جيڪو اسلام کان اڻ وقف آهي: فضل الرحمان

سکر/شڪارپور (عيوضي) جمعيت علماءِ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے