Home / دنيا / افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ معاهدو ٿيڻ پيو وڃي: اشرف غني

افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ معاهدو ٿيڻ پيو وڃي: اشرف غني

ڪابل (مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغانستان جي صدر اشرف غني آمريڪا ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ ٿيل تاريخي معاهدي جي حوالي سان چيو آهي ته سموريون ڌرتيون ان معاهدي جي پاسداري ڪنديون. ڪابل ۾ چيف ايگزيڪٽو عبدالله عبدالله ۽ ٻين اختيارين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي افغان صدر اشرف غني چيو ته نائن اليون کان پوءِ اسان امن جي لاءِ گڏ ٿياسين ۽ دهشتگردي جي خلاف منهن ڏيڻ شروع ڪيو. سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ معاهدو ٿيڻ پيو وڃي، معاهدي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي آمريڪي بچاءَ واري سيڪريٽري جا ٿورا مڃون ٿا. اشرف غني چيو ته پاڪستان ۽ ٻين ڀائر ملڪن جي ڪوششن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا جنهن جي لاءِ افغانستان جي عوام بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته معاهدو افغان طالبان ۽ آمريڪي اختيارين جي وچ ۾ ڳالهين جي نتيجي ۾ ٿيڻ پيو وڃي ۽ سموريون ڌريون امن معاهدي جي پاسداري ڪنديون. سندس چوڻ هو ته افغانستان جي موجوده نسل ايندڙ افغان ٻارن جي لاءِ قرباني ڏني آهي ۽ ٻن ڏهاڪن کان افغانستان ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهن لڏ پلاڻ ۽ ٻين تڪليف کي منهن ڏنو.

بابت admin

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے