نڪور خبرون
Home / شوبز / طلاق جي فيصلي کان اڳ ان جي هر پاسي تي غور ڪيو: ملائڪا اروڙا

طلاق جي فيصلي کان اڳ ان جي هر پاسي تي غور ڪيو: ملائڪا اروڙا

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اداڪاره ملائڪا اروڙا ڪرينا ڪپور شو ۾ پنهنجي طلاق کان هڪ ڏينهن اڳ پيش آيل واقعي بابت انڪشاف ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته اسان هڪٻئي مان گهڻا ناخوش هئاسين. اسان جي ناراضگي جو اثر اسان سان تعلق رکندڙ ٻين ماڻهن تي به پئجي رهيو هو، انڪري ارباز خان ۽ مون طلاق جو فيصلو ڪيو پر آخري لمحن تائين اهو فيصلو بيحد مشڪل هو. ڪرينا ڪپور جي ريڊيو شو تي ساڻس ڳالهائيندي ملائڪا چيو ته طلاق جي فيصلي کان اڳ ان جي هر پاسي تي غور ڪيو. “واٽ وومين وانٽ” شو ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اهو زندگي ۾ هڪ وڏو فيصلو آهي، جنهن کانپوءِ آڱريون ضرور اٿنديون آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڌر تي الزام ايندو ئي آهي. ملائڪا اروڙا ۽ ارباز خان 19 سالن جي ڊگهي رشتي کانپوءِ 2017 ۾ هڪٻئي کان ڌار ٿيا.سندن اولاد ۾ 16 سالن جو پٽ ارهان شامل آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جو ڊپ: مايا علي پاران گهر جي صفائي ڪرڻ واري وڊيو وائرل

ڪراچي (شوبز نيوز)  اداڪاره مايا علي ڪورونا وائرس جي ڊپ کي نظر ۾ رکندي گهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے