نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پاڪستان جو مستبقل محفوظ هنڌن ۾ آهي، پاڪستان جي نئين نسل کي نه ڇيڙي اهو وطن لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي: شاهه محمود قريشي

پاڪستان جو مستبقل محفوظ هنڌن ۾ آهي، پاڪستان جي نئين نسل کي نه ڇيڙي اهو وطن لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي: شاهه محمود قريشي

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي، نئين پاڪستان ۾ ڀارتي جارحيت جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، ان جواب کان دنيا کي به پيغام ويو ته هي نئون پاڪستان آهي، ڀارت کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان جي نئين نسل کي نه ڇيڙي ڇو ته اهو وطن جي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هو گذريل ڏينهن هتي يونيورسٽي آف مئنجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي جي 17هين سالياني ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪاميابيءَ ۾ وڏو حصو نوجوانن ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو آهي هاڻي صحيح رُخ تي هلڻ ۽ فيصلو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل جاري آهي، دهشتگرديءَ خلاف بي پناهه ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، والاريل ڪشمير جو مسئلو ڳالهين وسيلي حل ٿيڻ گهرجي، دنيا بدلجندڙ پاڪستان ڏسي رهي آهي، پهرين امير طبقو پاڪستان جي دولت ٻاهر منتقل ڪندو هو ڏُک ٿيندو پر هاڻي ائين ناهي اڄ جي نوجوان جو عزم ئي ڪجهه ٻيو هو، نوجوان نسل پاڪستان کي اقبال جي خواب جي ساڀيان ڏيندو. نوجوان طبقو نه هجي ها ته اڄ آئون اسٽيج تي نه بيٺو هجان ها. هن چيو ته پاڪستان علائقائي امن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان دهشتگرديءَ جي جنگ ۾ بي پناهه ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ضرب عضب ۽ ردالفساد ۾ دهشتگردن جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عمران خان جي نئين پاڪستان جي پاليسي عالمي دنيا ۾ ملڪ کي مستحڪم ڪيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ بي شمار قدرتي وسيلا آهن، ملڪ ۾ سڀ کان وڏو زرعي نظام آهي، دنيا پاڪستان ۾ بهترين اقتصادي ترقي ڏٺي آهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، امن لاءِ ڳالهين کي ترجيح ڏيون ٿا، ڪشمير مسئلي جو نبيرو سڄو ملڪ چاهي ٿو ۽ اهو ڳالهين سان ئي ممڪن آهي. پڙهيل لکيل ماڻهن کي ڏسي ڳڻتي ٿئي ٿي ته اهي ٻاهر هجرت ڪري ويا آهن پر منهنجي سامهون جيڪي شاگرد ويٺا آهن انهن نوجوانن جو عزم ڪجهه ٻيو آهي، نوجوان پاڪستان کي اهو مقام ڏياريندا جنهن جو خواب قائد ۽ اقبال ڏٺو. پي ٽي آءِ جي ڪاميابيءَ ۾ ملڪ کان ٻاهر رهندڙ ۽ نوجوان طبقي جو اهم ڪردار آهي. آئون اوهان جي مستقبل لاءِ ڪاميابيءَ جي دعا ڪريان ٿو. هن شاگردن کي چيو ته منهنجي اوهان کي صلاح آهي ته اهڙي تعليم حاصل ڪريو جنهن سان اوهان ۾ ملڪ جي خدمت جو جذبو پيدا ٿئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت تعليم تي انحصار ڪري ٿي ۽ تعليم کي ملڪ جي ترقيءَ جو ضامن سمجهي ٿي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے