اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري نواز شريف کي نيب ڪيسن ۾ پلي بارگين جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته کيس چار ڏينهن گذرڻ باوجود اسپتال داخل نه ڪرايو ويو آهي. ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي فواد چوڌري چيو ته نواز شريف جي آزادي جو چوٿون ڏينهن آهي پر اڃا تائين کيس اسپتال منتقل نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڇا نواز شريف جو مقصد رڳو جيل کان ٻاهر اچڻ هو يا بيماري جي علاج لاءِ هو آخري هفتي جو انتظار ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته منهنجو وري نواز شريف کي مشورو آهي ته پلي بارگين آسان رستو آهي، هي حسن ۽ حسين جو پئسو نه پر توهان جو آهي، هن قوم ٽي ڀيرا توهان کي عزت ڏني، قوم جو پئسو واپس ڪيو.
