نڪور خبرون
Home / پاڪستان / دشمن جي ٻولي ڳالهائيندڙ قبلو درست ڪن، ڪراچي کي ڪير به مفلوج نه ٿو ڪري سگهي: شهريار آفريدي

دشمن جي ٻولي ڳالهائيندڙ قبلو درست ڪن، ڪراچي کي ڪير به مفلوج نه ٿو ڪري سگهي: شهريار آفريدي

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) مملڪتي گهرو وزير شهريار خان آفريدي جو چوڻ آهي ته هاڻ ڪو به ٻاهر ويهي پاڪستان جي نظام کي مفلوج نٿو ڪري سگهي، دشمن جي زبان ڳالهائندڙ پنهنجو قبلو درست ڪن.  رينجرز هيڊ ڪوارٽرز ڪراچي ۾ 26 هين پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو ته رينجرز سرحدن جي حفاظت ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردي خلاف ڪردار ادا ڪيو، رينجرز پنجن سالن ۾ 16 هزار آپريشن ڪيا ۽ 12 هزار کان وڌيڪ دهشتگرد گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيا، سنڌ رينجرز جي ڪوششن سان ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو، ڪراچي جون روشنيون ۽ امن بحال ٿي چڪو آهي، ڪراچي هڪ ڀيرو وري معاشي ۽ واپاري سرگرمين جو مرڪز بڻجي چڪو آهي.  مملڪتي گهرو وزير چيو ته ٻاهرين ڪوششن سان اسان جو امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ايندڙ وقت پاڪستان ۽ پاڪستانين جو آهي، هاڻ ملڪ جي آئين سان هٿ چراند نه ٿيندي، هاڻ ڪو به ٻاهر کان فيصلو ڊڪٽيٽ نه ڪرائي سگهندو، اندر ويهي دشمن جي زبان ڳالهائيندڙ پنهنجو قبلو درست ڪن، رياست هاڻ ڪو به ٺاهه نه ڪندي، رياست هاڻ بليڪ ميل نه ٿيندي، هاڻ ڪو به ٻاهر ويهي هٿان جي نظام کي مفلوج نٿو ڪري سگهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے