نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ گهرن جي کوٽ آهي، 50 لک گهرن جو هدف نهايت ڏکيو ٽارگيٽ آهي: عمران خان

پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ گهرن جي کوٽ آهي، 50 لک گهرن جو هدف نهايت ڏکيو ٽارگيٽ آهي: عمران خان

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد سميت سموري ملڪ ۾ وڏا وڏا قبضا گروپ آهن، جڏهن ته ڪيترائي سرڪاري کاتا حڪومت کي پنهنجي زمين بابت ڄاڻ نه ڏئي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ گهرن جي کوٽ آهي، 50 لک گهرن جو هدف نهايت ڏکيو ٽارگيٽ آهي. هن چيو ته اسان جو ٽاسڪ فورم وڏي محنت سان ڪم ڪري رهيو آهي، اهو ٽاسڪ فورس منهنجي ماتحت آهي. سندس چوڻ هو ته هائوسنگ اسڪيمن ۾ خانگي شعبي کي ڪم ڪرڻ گهرجي، جڏهن هائوسنگ شروع ٿيندي آهي ته ان سان جڙيل چاليهه انڊسٽريون به شروع ٿي وينديون آهن، هائوسنگ اسڪيم سان چاليهه صنعتن کي فائدو ٿيندو.  سندس چوڻ هو ته بدقسمتي سان ملڪ ايليٽ ڪلاس جو بڻجي چڪو آهي، غريبن کي مٿي آڻن کانسواءِ ڪو به معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اسلام آباد ۾ غريبن لاءِ ڪابه منصوبابندي ناهي،  هائوسنگ اسڪيم ۾ ڪچين آبادين کي ريگولرائيز ڪرڻ لاءِ سموري منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، اسان کي گهڻ ماڙ عمارتون قائم ڪرڻيون آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته سرڪاري کاتن ۾ گهڻيون زمينون آهن، اسلام آباد ۾ ئي 500 ارب رپين جي زمين آجي ڪرائي چڪا آهيون، اسلام آباد سميت سموري ملڪ ۾ وڏا وڏا قبضا گروپ آهن،  سرڪاري کاتن کان زمينن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي آهي، ڪيترائي سرڪاري کاتا حڪومت کي پنهنجي زمين بابت ڄاڻ نه ڏئي رهيا آهن.  هن چيو ته هائوسنگ اسڪيم هيٺين طبقي لاءِ آهي، ورلڊ بئنڪ هائوسنگ  پروگرام ۾ اسان جي حمايت جو چيو آهي، چين ۽ ملائيشيا جي ڪمپنين هائوسنگ اسڪيم ۾ ڪم ڪرڻ جي دلچسپي ظاهر ڪئي اهي، حڪومت کي گهر نه ٺاهڻا آهن، خانگي سيڪٽر کي سولايون فراهم ڪرڻيون آهن.   وزيراعظم چيو ته ٽيڪس اسان نه ٿا ڏيون پر خيرات گهڻي ڏيندا آهيون، حڪومت تي اعتبار ناهي تنهن ڪري ماڻهو ٽيڪس گهٽ ڏيندا آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے