نڪور خبرون
Home / پاڪستان / آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ 10 اپريل تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.  جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ ٻنهي اڳواڻن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي ۽ 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني ڊويزن بئنچ ٻڌڻي ڪئي. بئنچ ۾ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني شامل آهن.  درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٽرائل مڪمل ٿيڻ تائين ضمانت منظور ڪئي وڃي.  درخواست ۾ نيب انڪوائريز جي لسٽ فراهم ڪرڻ جي به درخواست ڪئي وئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے