نڪور خبرون
Home / پاڪستان / سپريم ڪورٽ زيادتي ڪيس ۾ 5 ورهين کان قيد شخص کي بري لري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ زيادتي ڪيس ۾ 5 ورهين کان قيد شخص کي بري لري ڇڏيو

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ زيادتي جي جوابدار کي 5 سالن کان پوءِ بري ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جي چيف  جسٽس آصف کوسو  چيو ته فريادي ڌر ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. سپريم ڪورٽ آصف کوسو جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ زيادتي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، پوليس ٻڌايو ته حسن احمد ۽ ٻين جوابدارن 2014ع ۾ مانسهرا ۾ ٻن ڇوڪرين سان زيادتي ڪئي.  سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته حسين احمد رڳو ڪار هلائي رهيو هو، فريادي ڌر ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ياد رهي ته ٽرائل ڪورٽ جوابدارن کي 5 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي ۽ هاءِ ڪورٽ سزا خلاف حسين احمد جي اپيل رد ڪري ڇڏي هئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے