نڪور خبرون
Home / پاڪستان / مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت عدالت نه پر حڪومت ڏني: سپريم ڪورٽ

مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت عدالت نه پر حڪومت ڏني: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي فيصلي ۾ دير جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي. عدالت خاص عدالت جي رجسٽرار کان ڪيس ۾ دير تي رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت حڪم ڏنو ته خاص عدالت جو رجسٽرار 15 ڏينهن ۾ رپورٽ سپريم ڪورٽ وٽ جمع ڪرائي ۽ ٽرائل ۾ دير جا سبب بيان ڪري. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو ته نئين خاص عدالت جڙجي چڪي آهي ته پوءِ پرويز مشرف جو ٽرائل جو بند پيل آهي، حڪومت کيس واپس واپس آڻڻ لاءِ ڇا ڪري رهي آهي، پهريون اهو تاثر ڏنو ويو ته اي سي ايل مان سندس نالو عدالت ڪڍيو آهي، پر پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ حڪومت جو ڪم هو، کيس واپس آڻڻ به حڪومت جي ذميواري آهي. هن چيو ته پرويز مشرف 342 جو بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ نه ٿو اچي ته سمجهڻ گهرجي ته هو انڪاري آهي، ڇا جوابدار هٿان عدالت يرغمال ٿي سگهي ٿي، ڇا جوابدار ڄاڻي ٻجهي نه ٿو اچي ته عدالت بيوس ٿي ويندي آهي، ڪو جوابدار وڏو ننڍو نه هوندو آهي، سڀ برابر هوندا آهن. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته جنرل پرويز مشرف کي واپس آڻڻ جي هن وقت تائين جي قدمن کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ وفاقي حڪومت طرفان جواب جمع ڪرايو وڃي. ايندڙ ٻڌڻي تي فيصلو ڪنداسين ته پرويز مشرف خلاف خاص عدالت جي ڪارروائي کي ڪيئن اڳتي وڌايو وڃي.  عدالت وفاق ۽ ڪيس ۾ سمورن ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے