نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ڀارتي هوڏ سبب جنگ جي ويجهو هئاسين، ڪشمير مسئلو خطي جي امن ۾ رنڊڪ آهي: آصف غفور

ڀارتي هوڏ سبب جنگ جي ويجهو هئاسين، ڪشمير مسئلو خطي جي امن ۾ رنڊڪ آهي: آصف غفور

راولپنڊي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪستان ڀارت جي اڳرائيءَ جو جواب ڏنو ۽ ڀارت جي جارحيت سبب ٻئي ملڪ جنگ جي ويجهو هئا. آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو دوران ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارت پائليٽ جي آزادي پاڪستان طرفان هڪ امن جو پيغام هو هاڻ ڀارت کي اسان جي امن جي پيغام جو جواب ڏيڻو آهي.  هن چيو ته ڀارت پاڪستان جي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ۽ اڳرائي ڪئي جنهن جو پاڪستان جواب ڏنو، ڀارت اڳرائي سبب ٻئي ملڪ جنگ جي ويجهو هئا. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪشمير مسئلي جو حل نه ٿيڻ خطي جي امن ۾ رڪاوٽ آهي، جيڪڏهن ڀارتي ظلم جاري رهيا ته ڪشميرين جو ردي عمل لازمي آهي، هاڻ ڀارت تي آهي ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ هو ڇا ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته ڪشمير ۾ عورتن سان زيادتي ۽ ماڻهن کي نابين ڪرڻ لاءِ پيلٽ گنز جو استعمال ڪيو پيو وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے