نڪور خبرون
Home / پاڪستان / اسٽيل مل جو عملي ناهي رهيو، ان کي تالو هڻڻ جو حڪم ڏئي سگهون ٿا: چيف جسٽس

اسٽيل مل جو عملي ناهي رهيو، ان کي تالو هڻڻ جو حڪم ڏئي سگهون ٿا: چيف جسٽس

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان چيو آهي ته اسٽيل ملز جو عملي طور تي  ڪوبه وجود ناهي ان جي سمورن آفيسرن ۽ ملازمن کي ڪڍي تالا لڳائڻ جو حڪم ڏينداسين.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ اسٽيل ملز ملازمن جي پروموشن جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران چيف جسٽس اسٽيل ملز جي خراب حالت جو ذميوار انتظاميه کي قرار ڏئي ڇڏيو.جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته انتظاميه جي ملي ڀڳت کان سواءِ ڪوبه غلط ڪم نٿو ٿي سگهي. ڇا حڪومت اسٽيل مل انتظاميه جي خلاف ڪارروائي ڪئي؟ چيف جسٽس پاڪستان اسٽيل ملز انتظاميه کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته مل بند پئي آهي ته انتظاميه ڇو رکيل آهي؟ بند اسٽيل مل کي ڪنهن ايم ڊي يا چيف ايگزيڪٽو جي ضرورت نه آهي. اسٽيل مل انتظاميه ۽ آفيسر قومي ناڻي تي وزن آهن. ملازمن کان اڳ سمورن آفيسرن کي اسٽيل ملز مان ڪڍو. جسٽس گلزار احمد چيو ته پاڪستان کان علاوه سموري دنيا جي اسٽيل ملز منافعي ۾ آهي، مل ۾ هاڻ به ضرورت کان وڌيڪ عملو رهندو.ان موقعي تي اسٽيل ملز جي وڪيل ٻڌايو ته مل جو روزاني جو خرچ 2 ڪروڙ کان گهٽ ڪري هڪ ڪروڙ ڪيو ويو آهي. ان تي چيف جسٽس چيو ته اڄ کان ڪنهن ملازم کي ادائيگي نه ٿيندي جڏهن مل نفعو ئي نٿي ڏئي ته ادائيگيون ڪهڙي ڳالهه جون. ملازمن کي ويهڻ جي پگهار ته نه ملندي. مل ۾ ڪجهه ماڻهن ڀرتي کان ريٽائرمينٽ  تائين هڪ ڏينهن به ڪم ناهي ڪيو. مل جو 212 ارب جو قرض ڪير ادا ڪندو؟ معزز چيف جسٽس چيو ته ملڪ ۾ ڪوبه وفاقي سيڪريٽري ڪم ناهي ڪري رهيو. سمورا سيڪريٽريز صرف ليٽر بازي ڪري رهيا آهن جيڪو ڪلرڪن جو ڪم هوندو آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت سيڪريٽريز کي ڇو رکيو آهي. سيڪريٽريز  پاران ڪم نه ڪرڻ سبب ملڪ جو ستياناس ٿي ويو آهي. سيڪريٽريز کي ڊپ آهي ته ڪٿي نيب کيس گرفتار نه ڪري. پهريان به سيڪريٽريز ڪم ڪندا هئا خبر هاڻ کين ڇا ٿي ويو آهي.چيف جسٽس پاڪستان چيو ته اسٽيل ملز جي بقايا 3700 ملازمن کي اڄ فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏينداسين مل جي 437 مان 390 آفيسرن کي به اڄ فارغ ڪنداسين. سڀني کي فارغ ڪرڻ ۽ اڄ کان ئي اسٽيل مل کي تالو لڳائڻ جو حڪم ڏينداسين. عملي طور تي استيل مل جو ڪوبه وجود ناهي. ان موقعي تي پاڪستان اسٽيل ملز جي وڪيل چيو ته اسٽيل مل جي ملازمن سي اي او جي گهر جو گهيراءُ ڪري رکيو آهي ان جي گهر جي دروازن تي عورتن کي ويهاريو ويو آهي. ملازمن سي اي او جي گهر ٻاهران قبرون به کوٽي ڇڏيون آهن جنهن تي ملازمن جي يونين جي وڪيل موقف اختيارڪيو ته قبرون علاماتي طور تي کوٽيون ويون آهن.چيف جسٽس پنهنجا ريمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ جي هر اداري جو حال اسٽيل مل جهڙو آهي، ريلوي ۽ پي آءِ اي سميت هر اداري ۾ حالتون اهڙيون ئي آهن. آفيسر پنهنجي نوڪري ڪري رهيا آهن ملڪ جي ڪنهن کي به فڪر ناهي. پي آءِ ڊي سي جون سموريون فيڪٽريون بند ٿي چڪيون آهن. پي آءِ ڊي سي جا ملازم به 10 سالن کان بند فيڪٽري مان پگهارون کڻي رهيا آهن. بند ادارن جي ملازمن کي پگهارون ڏئي ملڪ کي ڏيوالپڻي جو شڪار ڪيو ويو آهي. اسٽيل ملز جي وڪيل نيئر رصوي چيو ته اسٽيل ملز جا 302 ڪيس آهن سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽي آرڊر ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس اسٽيل ملز جي وڪيلن کان پڇاڻي دوران چيو ته اوهان ڇاجون فيسون وٺندا آهيون ڪيسن کي ڪيئن منهن ڏينو آهي. استيل مل کي ٻڌايو. اسٽيل ملز ملازمن جي وڪيل چيو ته ادارا تباهه ڪندڙن کي سزائون ڏينداسين جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسٽيل مل تباهه ڪندڙ ۾ ملازم به شامل آهن جيڪو به اسٽيل مل وٺندو ان کي کوکلو ڪري ئي بند ڪندو.اسٽيل مل کي ريسڪيو ڪرڻ عدالت جو ڪم ناهي. ڇا ملازم اسٽيل مل جو قرص لاهي سگهن ٿا.؟ عدالتي حڪم تي پيش ٿيندڙ سيڪريٽري  صنعت ۽ پيداوار فاصل بينچ جي آڏو چيو ته اسٽيل ملز جي نجڪاري آگسٽ تائين مڪمل ٿي ويندي. سپريم ڪورٽ نجڪاري منصوبه بندي جي وزير کي 9 فيبروري تي طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 9 فيبروري تي وفاقي وزيرن کي ٻڌي فيصلو ڏينداسين.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 23 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، ڪجهه جي حالت خراب آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بيان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے