نڪور خبرون
Home / سنڌ / سنڌ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 23 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، ڪجهه جي حالت خراب آهي: مراد علي شاهه

سنڌ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 23 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، ڪجهه جي حالت خراب آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 23 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 579 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ 397 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 11125 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 579 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي تشخيصي شرح جو 5.2 سيڪڙو آهن. هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 23 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو ٽوٽل انگ 4059 تائين پهچي ويو آهي جيڪو فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي.  سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هيستائين 2768313 نمونن جي جاچ ڪئي وئي آهي ۽ 249497 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 397 مريض صحتياب ٿيا آهن ۽ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 226414 ٿي ويو آهي جيڪو صحتيابي جي شرح جو 91 سيڪڙو آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت 19024 مريضن جو علاج جاري آهي جن مان 18362 گهرن ۾، 15 آئسوليشن سينٽرن ۽ 647 مريضن کي مختلف اسپتالن ۾ علاج ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته 600 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي جن مان 79 مريضن کي وينٽيليٽرز تي رکيو ويو آهي. هن چيو ته 579 نون ڪيسن مان 293 جا ڪراچي آهن جن ۾ ضلع اوڀر 117، ضلع ڏکڻ 89، ضلع ڪورنگي 31، ضلع اولهه 25 ۽ ضلع سينٽرل 18 ۽ ضلع ملير 13 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جيئن ته حيدرآباد 102، ٺٽو 18، ڄامشورو 15، بدين 12، سجاول 10، ٽنڊو محمد خان ۽ عمر ڪوٽ 9-9، ميرپورخاص، شڪارپور، دادو ۽ خيرپور 8-8، مٽياري ۽ شهيد بينظير آباد 7-7، جيڪب آباد 6، گهوٽڪي ۽ نوشهرو فيروز 5-5، ٽنڊو الهيار، قمبر ۽ لاڙڪاڻو 4-4 ۽ سکر ۾ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريو آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪندي پاڻ کي محفوظ رکيو وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان عمران خان سان گڏ 126 ڏينهن ڌرڻو هنيو پر حڪومت نه وئي:شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اُميد ته پي ڊي ايم لانگ مارچ ۽ بي اعتمادي رٿ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے