اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽر شيري رحمان سينيٽ چونڊن جي حوالي سان چيو آهي ته اسان سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت چاهيون ٿا شفافيت تي ڪنهن کي اعتراض نه آهي سڄي عمل ۾ حصيداري جي ضرورت آهي وزيراعظم ۽ حڪومت پارليمان کي اعتماد ۾ وٺن ها ته اسان ميثاق جمهوريت کان اڳتي وڃون ها هي قومي اسيمبلي کي تباهه ڪري سينيٽ کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا هن چيو ته چونڊن ۾ شفافيت تي ڪنهن کي اعتراض نه آهي هن چيو ته ميثاق جمهوريت جي 70 سيڪڙو فيصلن تي پيپلزپارٽي حڪومت عمل ڪيو. شيري رحمان چيو ته سندن ايم پي ايز انهن جي ڪنٽرول ۾ نه آهن هڪ پاسي معاملو عدالت ۾ آهي ٻئي پاسي اوهان ترميم آڻي رهيا آهيو هن چيو ته صدر بائيڊن پنهنجي تقرير ۾ 11 ڀيري اتحاد جي ڳالهه ڪئي. اتي اهو چئوها ته اسان ان کان اين آر او گهري رهيا آهيون هن چيو ته جنهن وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه آهي اهي هي بل ڪيئن آڻي رهيا آهن.
