نڪور خبرون
Home / پاڪستان / احتجاج کان اسان کي ڪير روڪي نه ٿو سگهي: راڻا ثناءُ الله

احتجاج کان اسان کي ڪير روڪي نه ٿو سگهي: راڻا ثناءُ الله

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته اسان جلسن کان پوءِ ريلين طرف وينداسين ۽ جڏهن پي ڊي ايم جي قيادت مناسب سمجهيو ته استعيفيٰ به ڏينداسين.صحافين سان ڳالهيون ڪندي رانا ثناءُالله چيو ته 16 آڪٽوبر تي نااهل حڪومت جي خلاف ريفرنڊم ٿيندو پر ان کان اڳ ئي سياسي پارٽين کي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي. (ن) ليگي اڳواڻ چيو ته اسان جي خلاف هٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ اهي ڪيس جلسي تي اثر انداز ٿيڻ جي هڪ ڪوشش آهي. هن چيو ته عوام هن حڪومت مان تنگ اچي چڪي آهي.ڪيس سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي مصروف رکڻ جي سازش آهي. رانا ثناءُالله چيو ته جڏهن قيادت کي صحيح لڳو ته استعيفيٰ به ڏينداسين پي ڊي ايم جي جلسي کي مولانا فضل الرحمان، مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو خطاب ڪندا. جيڪڏهن حڪومت ڪريڪ ڊائون ڪيو ته اسان جا چيل لفظ سچ ثابت ٿيندا. هن چيو ته هڪ وزير اپوزيشن پارٽين کي تجويز ڏني آهي ته ايندڙ سال تائين جلسن کي ملتوي ڪريو.ياد رهي ته اپوزيشن 20 سيپٽمبر 2020 تي ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو هو ته آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ صوبائي حڪومتن سميت وڏن شهرن ۾ جلسا ڪيا ويندا جڏهن ته ڊسمبر ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويندا. مخالف ڌر پنهنجي پلان ۾ پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر سمورا سياسي آئيني آپشن استعمال ڪرڻ کان علاوه بي اعتمادي جي تحريڪ ۽ اسيمبلين مان اجتماعي استعيفائن جو آپشن به رکيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، پاڪستان جو نئون نقشو دنيا آڏو پيش ڪري رهيا آهيون:وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ايران ۽ سعودي عرب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے