نڪور خبرون
Home / سنڌ / عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه تعلقه موومينٽ جي تاريخي جدوجهد ڪاميابيءَ طرف روان دوان، ”باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيو“ وارو آواز اقتدار جي ايوانن تائين پهچي ويو. باڊهه تعلقه موومينٽ جي ڪنوينر ڪامريڊ علي محمد بروهيءَ جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات. عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس، وزيراعليٰ سنڌ. خبر موجب باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ باڊهه جي مختلف سياسي سماجي ادبي مذهبي صحافتي تنظيمن ۽ راڄوڻي اتحادن تي جوڙيل باڊهه تعلقه موومينٽ جي جدوجهد رنگ لائڻ لڳي، گذريل جولاءِ 2019ع کان وٺي لڳاتار جاري تاريخي جدوجهد جي ڪاميابيءَ جا اهڃاڻ نظر اچڻ لڳا. باڊهه تعلقه موومينٽ جي ڪنوينر ڪامريڊ علي محمد بروهي ۽ پ پ پ اڳواڻ فدا حسين ڍڪڻ سومر ڏينهن صبح جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سي ايم هائوس ڪراچي ۾ گڏيل ملاقات ڪري باڊهه شهر جي مسئلن کان آگاهي ڏني ۽ باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيڻ وارو سندس جو ئي واعدو کيس ياد ڏياريو. موومينٽ جي ڪنوينر ڪامريڊ علي محمد بروهي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي باڊهه تعلقي متعلق جوڙيل فائل سندس حوالي ڪندي کيس ٻڌايو ته باڊهه شهر هڪ تاريخي ڪاروباري ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ خود لاڙڪاڻي شهر کانپوءِ ٻيون نمبر وڏو شهر آهي ۽ هر لحاظ کان تعلقي جو حقدار آهي، جتان اڪثر ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي اميدوار ڪاميابي ماڻيندا رهيا آهن پر سياسي طور باڊهه شهر بي ڌياني ۽ لاوارثي جو شڪار رهيو آهي ۽ شهر ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ عوام کي بنيادي سهولتون دستياب نه هجڻ سبب شهر ويڳاڻپ ۽ تباهيءَ جي وَرِ چڙهي ويو آهي ۽ ڪيترائي سال گذري وڃڻ جي باوجود باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو نه ڏنو ويو آهي. ڪامريڊ علي محمد بروهي وڏي وزير کي دعوت ڏيندي چيو ته اوهان باڊهه جو دؤرو ڪيو ۽ خود اچي اتان جي عوام سان ملي روبرو حال احوال اوريو ته جيئن حقيقتون معلوم ٿي سگهن. باڊهه تعلقه موومينٽ جي ڪنوينر علي محمد بروهيءَ جي دعوت قبول ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه باڊهه تعلقه موومينٽ جي هلندڙ تاريخي جدوجهد جي ساراهه ڪئي ۽ باڊهه جي شهرين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. وڏي وزير چيو ته انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس ۽ مسئلن جو خود اچي جائزو وٺندس. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ 5 کان 6 تعلقا ٺاهيا ويندا جنهن ۾ باڊهه تعلقو سرِفهرست آهي. وڏي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ صوبو مالي طور مشڪلات جو شڪار آهي پر انشاء الله جلد ئي مالي مسئلن تي ضابطو آڻي تعلقن جو اعلان ڪيو ويندو جنهن ۾ سڀ کان اول باڊهه تعلقي جو اعلان هوندو. اهڙي اعلان کانپوءِ باڊهه واسين ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي آهي ۽ باڊهه تعلقه موومينٽ جي تاريخي جدوجهد جي هن ڪاميابي تي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏئي رهيا آهن. باڊهه تعلقه موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينرن زيب علي ساريو، ڪامريڊ قادر بروهي ۽ مفتي نصير احمد ڀٽو کي باڊهه شهر ۾ روبرو ۽ ٽيليفون تي پڻ مبارڪون موصول ٿي رهيون آهن. هوڏانهن علي انور عسڪري، عزيز بروهي، اصغر نوناري، منور نوناري، آغا نور محمد بليدي، دودو ديشي، ذوالفقار ڪانڌڙو، نظام ڪولاچي، علي رضا نوناري، نبي رضا بلوچ، محمد هاشم مدني سومرو، مظهر نوشاد ڦلپوٽو، حاجي الهرکيو ڪانڌڙو، جميل اشرف چانڊيو، طاهر نور هيسباڻي، محمد علي منگي ۽ ٻين باڊهه تعلقه موومينٽ جي ڪنوينر ڪامريڊ علي محمد بروهي جي ڪاوشن کي ساراهيندي چيو آهي ته سندس جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات هڪ وڏي ڪاميابي آهي. هنن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ باڊهه تعلقه موومينٽ جي ڪنوينر ڪامريڊ علي محمد بروهيءَ جي ملاقات کانپوءِ باڊهه واسين ۾ اها اميد ۽ اتساهه پيدا ٿيو آهي ته شهري پنهنجي جدوجهد ۾ ضرور ڪاميابي ماڻيندا ۽ باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن عنقريب جاري ٿي ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، پاڪستان جو نئون نقشو دنيا آڏو پيش ڪري رهيا آهيون:وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ايران ۽ سعودي عرب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے