نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ڀارت قيد ۽ ظلمن باوجود ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ڪري سگهيو آهي: شاهه محمود قريشي

ڀارت قيد ۽ ظلمن باوجود ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ڪري سگهيو آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ پاڪستان جون سموريون پارٽيون متحد، يوم استحصال بابت آل پارٽيز ڪانفرنس، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين، ن ليگ، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ، جماعت اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ بي اين پي سميت ٻين پارٽين جي شرڪت، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ پرڏيهي آفيس ۾ اهم اجلاس، قومي سلامتي بابت خاص مددگار معيد يوسف، پرڏيهي سيڪريٽري، سيڪريٽري اطلاعات ۽ عسڪري قيادت جي شرڪت، سڀاڻي رٿيل يوم استحصال تي احتجاج بابت حڪمت عملي جوڙڻ تي خيالن جي ڏي وٺ، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سڀاڻي سموري قوم متحد ٿي ڀارت کي هڪ ئي پيغام ڏيندي، پاڪستان جو موقف تبديل ناهي ٿيو، اسان جي منزل سرينگر آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستاني قوم، سياسي قيادت ۽ فوج جو هڪ ئي موقف آهي، ڀارت قيد ۽ ظلمن باوجود ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ڪري سگهيو آهي. حڪومت جي اپيل تي ڀارتي جبر ۽ جارحيت جي خلاف اڄ اربع پنج آگسٽ تي يوم استحصال ملهايو ويندو تفصيل مطابق ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ پنج آگسٽ تي يوم استحصال ملهايو ويندو وزيراعظم مظفرآباد ۾ آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندو ملڪ ۾ هڪ منٽ لاءِ خاموشي ڪئي ويندي عالمي ليڊرز کي خط لکيا وييندا سوشل ميڊيا تي مهم هلائي و يندي پاڪستاني سفارتڪار سڄي دنيا ۾ ميڊيا تي ڪشمير جو مسئلو اٿاريندا شاهه محمود قريسي مطابق 5 آگسٽ تي ڀارتي قدمن جو هڪ سال پورو ٿيڻ تي اسان ايڪشن پلان جوڙيو آهي وزيراعظم مظفرآباد ۾ 5 آگسٽ تي آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندو

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

انصاف جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: عمران خان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انصاف جي موجوده نظام تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے