ڪراچي(نمائندن وٽان)طوفاني برساتن جي اڳڪٿي کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جا مختلف شهرن جا دورا، ميرپور خاص ۾ مراد علي شاهه شاهه جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سيز جي شرڪت، وڏي وزير جي عملدارن کي طوفاني برساتن ۽ شهري ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه برساتن جي اڳڪٿي کانپوءِ سنڌ جي دورن تي نڪتل آهي، مختلف شهرن ۾ هُن دورا ڪري ڊي سيز ۽ چونڊيل نمائندن کان برسات جي قدمن بابت بريفنگ ورتي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نالن جي صفائي سنڌ حڪومت جي نه پر مڪاني ادارن جي ذميواري آهي
