نڪور خبرون
Home / پاڪستان / آمريڪا پرائيويٽ ڊپلوميسي ڪندي هاڪاري ڪردار ادا ڪيو: پرڏيهي وزير

آمريڪا پرائيويٽ ڊپلوميسي ڪندي هاڪاري ڪردار ادا ڪيو: پرڏيهي وزير

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪا پرائيويٽ ڊپلوميسي ذريعي پاڪ_ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ ڪردار ادا ڪيو تنهنڪري آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جي ڪردار ادا ڪرڻ تي سندس ٿورائتو آهيان. اسلام آباد ۾ پاڪ چين اقتصادي سهڪاري ڪانفرنس کي خطاب دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پلواما واقعي کانپوءِ اوڀر وارن ملڪن جي ڪردار تي شڪريو ادا ڪريان ٿو. حڪومت عوامي خواهشن موجب پرڏيهي پاليسي جوڙي رهي آهي، پاڪستان هڪ باوقار پرڏيهي پاليسي تي هلي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته سي پيڪ کانسواءِ به ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ تيزي آئي آهي، وزيراعظم عمران خان جو چين جو دورو تمام گهڻو ڪامياب رهيو، پاڪستان چين سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏيندو آهي، چين ۽ پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.  پرڏيهي وزير چيو ته هاءِ ڪميشن واپس نئين دهلي موڪلي رهيا آهيون، ڪرتارپور راهداري لاءِ ڀارت سان ويهڪ ٿيندي، ڪرتارپور راهداري کي مڪمل ڪنداسين، ان تي ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشن کي هر اڱاري تي ڀارت سان رابطو بحال ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.  پرڏيهي وزير چيو ته مان پائيڪ پومپيو کي پلواما حملي کانپوءِ پنهنجو نقطو نظر پيش ڪيو، اڄ پومپيو صاف چئي ڇڏيو ته پرائيويٽ ڊپلوميسي ڪندي هاڪاري ڪردار ادا ڪيو،  ٻڌائڻ نه پيو چاهيان پر پرائيويٽ ڊپلوميسي ڪم ڏيکاريو آهي، آمريڪا پرائيويٽ ڊپلوميسي ذريعي پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ ڪردار ادا ڪيو، آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جي ڪردار تي سندس ٿورا مڃان ٿو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته چين، ترڪي، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، اردن ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻن به پاڪ_ ڀارت ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪردار اد اڪيو، پاڪستان ۽ ڀارت  ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي نظر اچي رهي آهي جيڪا هڪ هاڪاري اڳڀرائي آهي، پاڪستان سفارتي ڪوششن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے