نڪور خبرون
Home / پاڪستان / سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو انگ هڪ هزار 283 ٿي ويو، نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي 62 هزار 696 ٿي ويو، سنڌ ۾ وڌيڪ 16 ڄڻا ڪورونا وگهي فوت، فوتين جو انگ 396 ٿي ويو، صوبي ۾ متاثرن جو انگ 25 هزار 309 ٿي ويو، پنجاب ۾ 22 هزار 37، ڪي پي ۾ 8 هزار 842، بلوچستان ۾ 3 هزار 616، اسلام آباد ۾ 2 هزار 15، گلگت بلتستان ۾ 658 ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جا 219 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ان کانسواءِ سنڌ جي صورتحال بابتوڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 308 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي جن مان 52 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن. گذريل 24 ڪلاڪن بابت ڪورونا جا انگ اکر جاري ڪندي وڏي وزير چيو آهي ته ڪراچي ۾ 597، حيدرآباد ۾ 37 ۽ گهوٽڪي ۾ 24 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ 23، جيڪب آباد، ڄامشوري ۾ 10-10، شڪارپور، بدين ۾ 7-7، دادو ۾ 4، عمرڪوٽ ۾ 3 ۽ سانگهڙ ۾ ٻه نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪشمور،خيرپور، مٽياري، نوابشاهه ۽ ٽنڊو الهيار ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير اڄ 31 مريض فوت ٿي ويا جنهن تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، الله پاڪ اسان تي رحم ڪري. وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت تائين 12 هزار مريض علاج هيٺ آهن، 1 1 هزار مريض گهرن ۾، 126 آئيسوليشن مرڪزن ۽ 908 مريض اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

جعلي ڊوميسائيلز اسڪيندل، شروعاتي طور 4 سفارشون تيار، هڪ سئو 3 ڊوميسائيل حتمي شڪي قرار

لاڙڪاڻو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيلز جي جاچ لاءِ جُڙيل حڪومتي ڪميٽي اسڪيندل جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے