نڪور خبرون
Home / پاڪستان / انصاف جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: عمران خان

انصاف جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: عمران خان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انصاف جي موجوده نظام تي عوام جو اعتماد ڊهي چڪو آهي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ موجوده حڪومت ۾ عوام کي تڪڙي انصاف جي فراهمي لاءِ ڪئي ويندڙ قانوني سڌارن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانون واري وزير فروغ نسيم، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، صلاحڪار بابر اعواڻ، اٽارني جنرل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته انصاف جي نظام ۾ بهتري لاءِ عوام جون اميدون موجوده حڪومت سان سلهاڙيل آهن، معاشري جي ڪمزور طبقي جو آواز بڻجڻ ۽ انهن کي انصاف جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.هن چيو ته انصاف جي موجوده نظام تي عوام جو اعتماد گهڻي حد تائين ڊهي چڪو آهي، عدل جي نظام ۾ خاميون ختم ڪرڻ تحريڪ انصاف جي منشور جو بنيادي جُز آهي، فوجداري ڪيسن جي نظام ۾ سڌارن، ٿاڻي ڪلچر ۾ تبديلي، ڪيسن داخل ڪرڻ، جيلن ۾ سڌارن جي عمل جي حوالي سان به روڊ ميپ جوڙيو وڃي.وزيراعظم قانون واري وزير بئريسٽر فروغ نسيم، صلاحڪار بابر اعواڻ ۽ اٽارني جنرل تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ۽ ان کي عوام جي اميدن موجب قانوني سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جو وقت مقرر ڪري حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

جعلي ڊوميسائيلز اسڪيندل، شروعاتي طور 4 سفارشون تيار، هڪ سئو 3 ڊوميسائيل حتمي شڪي قرار

لاڙڪاڻو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيلز جي جاچ لاءِ جُڙيل حڪومتي ڪميٽي اسڪيندل جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے