نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پاڪستاني امن دستا دنيا جي ڏکين ۽ شروش زده علائقن ۾ انسانيت جي خدمت جاري رکيو پيا اچن: آرمي چيف

پاڪستاني امن دستا دنيا جي ڏکين ۽ شروش زده علائقن ۾ انسانيت جي خدمت جاري رکيو پيا اچن: آرمي چيف

راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه چيو آهي ته عالمي امن لاءِ پاڪستان جو عزم بي مثال آهي. پاڪ فوج جي عالم لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه امن مشن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي  پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ پاڪستان پنهنجي بهادر امن دستن جي قرباني جي جذبي کي ياد ڪري ٿو، پاڪستاني امن دستا دنيا جي ڏکين ۽ شروش زده علائقن ۾ انسانيت جي خدمت جاري رکيو پيا اچن. آرمي چيف چيو آهي ته گڏيل قومن جي چارٽر تحت عالمي امن لاءِ پاڪستان جو عزم بي مثال آهي. ياد رهي ته  اڄ امن دستن جو عالمي ڏينهن ملاهايو پيو وڃي، جنهن جو مقصد سموري دنيا ۾ امن دستن جي ڪوششن ۽ انساني همدردي وارين سرگرمين جو اعتراف ڪندي انهن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے