نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد
Pic15-001 LAHORE: Jun15- Federal Minister for Railways Sheikh Rasheed Ahmad addressing the press conference at Railway Headquarter. ONLINE PHOTO by Malik Sajjad

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي ته وڌيڪ ٽرينون هلائي سگهون ٿا، پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو. اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان سان ريلوي واري وزير شيخ رشيد ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال، پاڪستان ريلوي توڙي ڪورونا وائرس جي معاملي تي خيالن تي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي شيخ رشيد آڇ ڪئي ته جيڪڏهن هدايتون ڏنيون وڃن ته وڌيڪ ٽرينون هلائي سگهون ٿا، شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻايو ويندو. ريلوي واري وزير وڌيڪ ٽرينون هلائڻ جي حوالي سان سهولتن جي فراهمي ۽ ضابطي ڪار بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، جڏهن ته ملاقات ۾ ٽرينن جو اگهه وڌائڻ يا نه وڌائڻ جي حوالي سان اتفاق ڪيو ويو، جنهن بابت حتمي فيصلو 31 مئي تي ٿيندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

جعلي ڊوميسائيلز اسڪيندل، شروعاتي طور 4 سفارشون تيار، هڪ سئو 3 ڊوميسائيل حتمي شڪي قرار

لاڙڪاڻو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيلز جي جاچ لاءِ جُڙيل حڪومتي ڪميٽي اسڪيندل جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے