نڪور خبرون
Home / رانديون / پي سي بي ثقلين مشتاق کي اهم زميواريون ڏئي ڇڏيون

پي سي بي ثقلين مشتاق کي اهم زميواريون ڏئي ڇڏيون

لاهور(اسپورٽس نيوز) ٻن اڳوڻن ٽيسٽ ڪرڪيٽرن گرانٽ بريڊ برن ۽ ثقلين مشتاق کي پي سي بي پاران اهم ذميواريون ملي ويون آهن.اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ثقلين مشتاق کي هيڊ آف انٽرنيشنل پليئر ڊولپمينٽ جي اهم ذميواري ڏني وئي آهي. ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ دوسرا جو بنياد وجهندڙ ۽ آف اسپن بالنگ کي نئين جدت بخشيندڙ پاڪستان جو اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر ثقلين مشتاق ان کان اڳ انگلينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن جو بالنگ ڪوچ رهي چڪو آهي جڏهن ته پي سي بي، ڪرڪيٽ اسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ سان ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪري چڪو آهي، هو بي ليول ٿري جو ڪوچ آهي. ثقلين مشتاق 1995 کان 2004 تائين پاڪستان پاران ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ کيڏي ڪيترائي اعزاز پنهنجي نالي ڪيا. نيوزيلينڊ جو اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽرگرانٽ بريڊ برن هاءِ پرفارمنس ڪوچنگ جون ذميواريون سنڀاليندو هو نيوزيلينڊ پاران 1990 کان 2001 تائين 7 ٽيسٽ ۽ 11 ون ڊي مئچ کيڏي چڪو آهي جڏهن ته عصر ملڪ کي هاءِ پرفارمنس آپريشنز مينيجر مقرر ڪيو ويو، پي سي بي نين مقررين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

گليڊي ايٽرز جي بالنگ ڪوچ عبدالرزاق پاران قلندرز ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش

لاهور: (اسپورٽس نيوز)  پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي ٽيم ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي بالنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے