نڪور خبرون
Home / سنڌ / رونيو لاءِ نوان ذريعا ڳولڻا پوندا، نئين مالي سال ۾ ننڍا قرض ڏينداسين: وڏو وزير

رونيو لاءِ نوان ذريعا ڳولڻا پوندا، نئين مالي سال ۾ ننڍا قرض ڏينداسين: وڏو وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايندڙ مالي سال 21-2020 جو بجيٽ ڪورونا وائرس وگهي متاثر هوندو تنهن ڪري هڪ نئين حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي جنهن تحت صحت جي خدمت، روزگار جا وسيلا، سماجي تحفظ ۽ تعليم جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ کي ترجيح ڏني ويندي. اها ڳالهه هن ايندڙ بجيٽ 21-2020 لاءِ حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، وڏي وزير جو ڪوآرڊينيٽر حارث گذدر، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم ۽ سندس ٽيم، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي ۽ سندس ٽيم ۽ بين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته ڪورونا وائرس جي هنگامي انڊيڪٽرز جهڙن خرچن ۾ اضافو، سرڪاري ٽيڪس ۾ گهٽتائي، برآمدات ۾ گهٽتائي، بير وزگاري ۽ خريداري جي قوت جهڙن خسارن جا سنگين مسئلا  آهن جنهن کي نئين ۽ جامع حڪمت عملي سان ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پنهنجي فنانس اينڊ پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ ٽيم کي ٻڌايو ته صحت جي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ کين اولين ترجيح ڏني ويندي جنهن تحت COVID-19 ايمرجنسي اسپتال قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته اسان اڳواٽ ئي نيپا جي علائقي ۾ ڪورونا وائرس ايمرجنسي سينٽر قائم ڪري رهيا آهيون ۽ سڀني ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ اهڙي ريت سهولتون تيار ڪيون ويندوين. هن وڌيڪ چيو ته ٻيون سڀئي اسپتال ضروري سامان سان آراسته هونديون. روزگار جا وسيلا پيدا ڪرڻ بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سمال، ميڊيم انٽرپرائزز (ايس ايم ايز) صنعت ڪوويڊ19 جي بحرانن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي تنهن ڪري هن وڌيڪ چيو ته ايس ايم ايز کي برقرار رکڻ لاءِ ننڍن قرضن، سبسڊين ۽ اهڙي ريت جي ٻين مراعتن جي ضرورت آهي. مراد علي شاهه چيو ته ايس ايم ايز کي ڏنل ننڍن قرضن کانسواءِ انهن کي ٻيون مراعتون ۽ سبسڊي ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ننڍي عرصي وارا قرضا، ننڍن ڪاروبار لاءِ 5 لک رپيا ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن لاءِ 20 لک رپين تائين هوندا. مراد علي شاهه چيو ته اها سيڙپڪاري زراعت جي شعبي ۾ ڪئي ويندي جتي برآمدي ڪوالٽي جو ٻج، ڊي اي پي، يوريا (سبسڊي تي) جي خريداري لاءِ ننڍن قرضن کي اڳيان وڌايو ويندو ته جيئن برآمدي معار جا چانور، داليون ۽ ٻي فصل جي پوک ڪري سگهجي. هن چيو ته آئون وزير زراعت کي هدايت ڪندس ته هارين کي ننڍي فصل، موسمي فصل، نئين فصل ۽ خاص طور برآمدات تي ٻڌل فصلن ڏانهن رهنمائي ڪئي وئي ته جيئن اهي پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن ۽ قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن. هن مويشين ۽ پولٽري لاءِ به قرضن کي اڳيان وڌايو ويندو. هن چيو ته هڪ بهترين ڪارو آهي جيڪڏهن مويشين کي سائنسي ۽ صحتمند بنيادن جي واڌ ويجهه ڪئي وڃي. پرڏيهي مارڪيٽ ۾ کيس گهرج ۾ هميشه اضافو ٿيندو رهندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز سيڪتر ۾ مصروف ماڻهن جي مدد لاءِ لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي کي فعال ڪيو ويندو. غربت جو خاتمو: مراد علي شاهه چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ هوءَ غربت جي خاتمي جو پروگرام شروع ڪرڻ چاهي ٿو جنهن تحت ماڻهن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ بنا سود قرض ڏنو ويندو جنهن  لاءِ حڪومت يا کين ڀاڱيوار ٽيڪنيڪل مدد ڏيندا. اهي قرضا انهن ماڻهن کي ڏنا ويندا جيڪي هڪ ننڍن ڪاروباري سرگرمين سان بين ڪاروبار ۾ اچڻ چاهين ٿا يا وري ڪو نئون ڪاروبار شروع ڪرڻ چاهين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي دستڪاري جي ڪم کي ترجيح ۽ اهميت ڏني ويندي. تعليم: مراد علي شاهه چيو ته محدود وسيلن ۽ وبائي صورتحال باوجود اسان کي نهنجن ٻارن جي تعليم تي ڌيان ڏيڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته درس ۽ تدريس جي نون رجحانن کي متعارف ڪرايو ويندو ته جيئن ڪورونا وائرس صورتحال ۾ تعليمي سرگرمين کي هٿي وٺرائي وڃي. هن چيو ته مون تعليم واري وزير کي هڪ ذميداري سونپي آهي ته هوءَ ڪلاسن ۾ هڪ تفصيلي تعليمي منصوبي تي عملدرآمد ڪرائي ته جيئن ايندڙ بجيٽ ذريعي ان تي عمل ڪرائي سگهجي. ترقي: وڏي وزير چيو ته صحت جي خدمتن لاءِ بجيٽ ۾ جاءِ پيدا ڪرڻ، واپارين، هارين ۽ مويشين ۽ ماهيگيري جي شعبن ۾ معيشت جي بحالي لاءِ ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. البته صحت کاتي جي اسڪيمن، تعليم، روڊ سيڪٽر واٽر سپلائي ۽ صفائي کي ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته ميگاڊيلوپمينٽ جا سمورا منصوبا عوامي، نجي شراڪت ۾ شروع ڪيا ويندا. هن چيو ته انهيءَ سان حڪومت تي مالي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. مراد علي شاهه چيو ته هن ڪورونا وائرس خلاف جنگ وڙهندي ترقياتي ڪمن ۽ سماجي تحفظ جي پروگرام کي جاري رکڻ ۾ سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ ورلڊ بينڪ ۽ ٻين ڊونر ايجنسين سان رابطو ڪيو آهي.  سماجي تحفظ:  مراد علي شاهه پنهنجي پنهنجي کي گائيڊلائين ڏيندي چيو ته سندس حڪومت سماجي تحفظ تي ٻڌل حڪمت عملي شروع ڪرڻ چاهي ٿي جنهن تحت انفرادي ۽ خاندان جيڪو خوراڪ جي عدم تحفظ جو شڪار آهن انهن کي انڪم/فوڊ سپورٽ خاص طور تي گهٽ آمدني وارن طبقن جنهن کي انهن وبائي بيمارين سان وڌيڪ خطرو آهي تي خاص طور تي ڌيان ڏنو ويندو. شيلٽر هومز:  هن چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم کي به هدايت ڪئي ته هو ڪراچي ۾ ڊويزنل هيڊڪوارٽر ۾ 6 شيلٽر هومز ۽ 2 گمشده ۽ وڃايل ٻارن لاءِ سينٽرن جي قيام لاءِ اسڪيمون تيار ڪري. انهن مرڪزن ذريعي بي گهر ماڻهن ۽ گمشده ۽ وڃائجي ويندڙ ٻارن جي مدد ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته فلاحي حڪومت جي حيثيت سان ڪم ڪجي ۽ انشاء الله اسان ان نازڪ گهڙيءَ ۾ پنهنجن ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے