نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ملڪ ۾ ڪرونا بي قابو، فوتگين ۽ مريضن ۾ واڌ جو سلسلو جاري

ملڪ ۾ ڪرونا بي قابو، فوتگين ۽ مريضن ۾ واڌ جو سلسلو جاري

ڪراچي/اسلام آباد (نمائندن وٽان/بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ڪورونا وائرس وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 33 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 1430 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 38 هزار 796 ٿي ويو، سموري ملڪ ۾ڪورونا وائرس وگهي حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 834 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 10 هزار 155 ماڻهو صحتياب ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ڪورونا وائس جي مريضن جو انگ 14 هزار 916 آهي، جڏهن ته بلوچستان جا 2 هزار 457 ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. پنجاب ۾14 هزار 201 ماڻهو ڪورونا وائرس ۾ وٺجي ويا آهن، جڏهن ته ڪي پي ۾متاثرن جو تعداد 5 هزار 678 آهي. گلگت بلتستان ۾518 ماڻهو ڪورونا وائرس ۾ورتل آهن، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾105 ماڻهو بيماري ۾وٺجي ويا آهن. مختلف شهرن مان ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ بعد متاثرن جو انگ 38 هزار 796 کان وڌي ويو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے