نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ميڙ وارن هنڌن تي عوام کي ماسڪ ضرور پائڻو پوندو جنهن جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو: ڊاڪٽر ظفر مرزا

ميڙ وارن هنڌن تي عوام کي ماسڪ ضرور پائڻو پوندو جنهن جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو: ڊاڪٽر ظفر مرزا

اسلام آباد: (مانيٽربنگ ڊيسڪ) وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ميڙ وارن هنڌن تي عوام کي ماسڪ ضرور پائڻو پوندو جنهن جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو.وفاقي حڪومت لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ نرمي جو اعلان ڪندي ميڙ وارن هنڌن تي ماسڪ کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. حڪومت مڃيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ وڌڻ جو امڪان آهي. ان لاءِ شهرين کي ايس او پيز تي عمل جي هدايت ڪئي وئي آهي.وفاق طرفان ماڻهن کي ماسڪ پائڻ جو پابند ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي صحت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ميڙ وارن هنڌن تي ماسڪ پائڻ لازمي هوندو جنهن جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے