نڪور خبرون
Home / سنڌ / سنڌ ۾ صحت جون سهولتون ناهن، عذرا پيچوهو استعيفيٰ ڏئي: خرم شير زمان

سنڌ ۾ صحت جون سهولتون ناهن، عذرا پيچوهو استعيفيٰ ڏئي: خرم شير زمان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ صحت کاتي جي وزير عذرا پيچوهو کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ايم پي اي خرم شير زمان چيو آهي ته سنڌ ۾ رڳو سن ۽ رشتيداري ڪوٽا تي نظام هلي رهيو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم شير زمان چيو آهي ته عذرا پيچوهو کي هٽائي ڪنهن سٺي ماڻهو کي صحت جو وزير بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ 5 اسپتالن سان ٿيل معاهدي جا تفصيل پڌرا ڪيا وڃن، نجي اسپتالن کي سهولتون ڏيڻ مان ظاهر آهي ٿيو ته سرڪاري اسپتالون تباهه آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان چيو آهي ته ٻين اسپتالن سان ڪيل معاهدن جي حوالي سان اسان کي ٻڌايو وڃي. خرم شير زمان چيو آهي ته صحت واري وزير اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٻڌائي ته روزاني هڪ مريض کي هڪ لک 75 هزار ڇو پيا ڏنا وڃن. هن پ پ چيئرمين کي مخاطب ٿيندي چيو ته بلاول زرداري اڳتي جي تياري ڪر توهان جو نظام تباهه آهي، ڪنهن ٻئي کي صحت جو وزير بڻايو جيڪو ڪم ڪري سگهي. هن چيو ته سنڌ جو نظام سن ڪوٽا ۽ رشتيدارين تي هلي رهيو آهي، اسان جي آواز اٿارڻ تي ڪجهه اسپتالن جي او پي ڊيز کوليون ويون آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ ماڻهو ڪورونا کان وڌيڪ ٻين مرضن ۾ مبتلا آهن، صحت واري واري وزير ته پاڻ آئيسوليشن ۾ آهي ان جو ائڊريس اسان کي به ڏنو وڃي. خرم شير زمان چيو آهي ته 21 ڏينهن گذري ويا جمعي جي نماز نه پڙهي سگهيس، مسجدن اڳيان ڪنٽينر لڳايا ويا آهن، پوري ملڪ ۾ ايس او پيز ٺهي ويون پر سنڌ ۾ ڪجهه به ناهي ٿيو..

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے