نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پنجاب حڪومت ۽ ٽرانسپورٽرن ۾ ڳالهيون، ڀاڙن ۾ گهٽتائي، اڄ کان گاڏيون هلنديون

پنجاب حڪومت ۽ ٽرانسپورٽرن ۾ ڳالهيون، ڀاڙن ۾ گهٽتائي، اڄ کان گاڏيون هلنديون

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار انٽر سٽي، انٽر ڊسٽرڪٽ ٽرانسپورٽ ۽ آن لائن ٽيڪسي سروس کولڻ جي اجازت ڏيندي ڀاڙن ۾ به 20 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ ڪورونا وبا جي روڪٿام لاءِ قائم ڪابينا ڪميٽي جو خاص ويڊيو لنڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حڪومت طرفان احتياطي قدمن جو جائزو ورتو ويو ۽ وبا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويو آهي. اجلاس دوران اهم فيصلا ڪيا ويا، جن ۾ آن لائن ٽيڪسي ۽ ٽرانسپورٽ سروس کولڻ، ايس او پيز تحت گرجا گهرن ۾ آچر ڏينهن عبادت جي اجازت ڏيڻ، وڏن شاپنگ مالز کي ايس او پيز تحت کولڻ، جڏهن ته پاور لومز کي به ڪم ڪرڻ جي اجازت جي منظوري ڏني وئي. عثمان بوزدار مسافرن لاءِ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪندي چيو ته عام ماڻهن جي سفري ڏکيائين جو احساس ڪندي انٽر سٽي ۽ انٽر ڊسٽرڪٽ ٽرانسپورٽ کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڀاڙن ۾ لاٿ سان عام ماڻهو کي رليف ملندو.هن چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ کي واضح ڪيل ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائڻو پوندو، مسافرن، ڊرائيورن ۽ ڪنڊيڪٽرن لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، سينيٽائيزر رکڻ جي پابندي هوندي ۽ مسافرن ۾ سماجي وٿي تي به ضروري عمل ڪرڻو پوندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے