نڪور خبرون
Home / پاڪستان / اپوزيشن جمهوري قدرن جي دائري ۾ رهي ڪردار ادا ڪري: شبلي فراز

اپوزيشن جمهوري قدرن جي دائري ۾ رهي ڪردار ادا ڪري: شبلي فراز

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن هڪٻئي لاءِ ضروري آهن، اپوزيشن جمهوري قدرن جي دائري ۾ رهي ڪردار ادا ڪري، ملڪ مڪمل لاڪ ڊائون جي سٽ نٿو صحيح سگهي، حڪومت جي خواهش آهي ته سماجي وٿي سان معيشت جو ڦيٿو ڦرندو رهي، احساس پروگرام تحت 2 سئو ارب رپين جو پيڪيج ڏنو، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن کي احساس پروگرام تحت 12 هزار ڏنا ويا، صنعتن بابت حڪمت عملي تيار ڪري رهيا آهيون، ڪرونا سبب صنعتي شعبي کي ٻن مرحلن ۾ کوليو ويندو، اخباري ملازمن جي بهتري لاءِ پاليسي جوڙي ويندي، ڪشمير جي حوالي سان وزيراعظم جي جنرل اسميبلي ۾ تقرير تاريخ جو حصو بڻجي وئي آهي، جمعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته حڪومت جي مهور مزدورن جي ڀلائي آهي، هن چيو ته حڪومت مزدورن لاءِ صحت ڪارڊ جاري ڪيو، وفاقي وزير چيو ته مزدورن جي ڀلائي وزيراعظم جو ويزن آهي، سڌ سماءَ جي وزير چيو ته وزيراعظم مزدورن ۽ بي گهر ماڻهن جي بهتري لاءِ قدم کنيا، صنعتن بابت حڪمت عملي جوڙي رهيا آهن، هن چيو ته صنعتن سان لاڳاپيل ماڻهو احتياطي اپائن تي عمل ڪن، هن چيو ته لاڪ ڊائون اهڙو هئڻ گهرجي جنهن سان معيشت جو ڦيٿو ڦرندو رهي، هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته پارليامينٽ جو اجلاس ٿئي، 18 هين ترميم تحت صوبا خودمختيار آهي، وفاقي حڪومت رڳو پاليسي گائيڊ لائين ڏئي سگهي ٿي، وزيراعظم پهرين ڏينهن چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون نٿا ڪري سگهون ، پاڪستان قرضن ۾ ٻڏل ملڪ آهي، لاڪ ڊائون ڪرڻ سان سپلائي چين مڪمل نه ٿيندي، صوبن کي احساس ٿي ويو آهي ته لاڪ ڊائون بابت سخت پاليسي اختيار نٿي ڪري سگهجي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے