نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي ۾ ورڪرز جو تمام وڏو ڪردار هوندو آهي: وزيراعظم

ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي ۾ ورڪرز جو تمام وڏو ڪردار هوندو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت محنت ڪش مزدورن جي زندگي جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي. وزيراعظم عمران خان مزدورن جي ڏهاڙي جي حوالي سان چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي ۾ ورڪرز جو تمام وڏو ڪردار هوندو آهي. هن چيو ته هي ڏينهن محنت جي تقدس، ملڪي اقتصادي ترقيءَ لاءِ مزدورن جي اهميت جو اعتراف آهي، هي ڏينهن اسان کي انهن مزدورن جي ياد ڏياري ٿو جن پنهنجي حقن لاءِ زندگيون قربان ڪيون. هن جو چوڻ هو ته ڪرونا جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر اهي ٿيا آهن جيڪي روزاني اجرت تي ڪم ڪن ٿا، موجوده صورتحال ۾ حڪومت وڏو مالي پيڪيج ڏنو آهي، مزدورن لاءِ 200 ارب روپيا مختص ڪيا آهن. عمران خان چيو آهي ته اسان جو مذهب سماجي انصاف جي اصولن ۽ ماڻهن جي حقن جي احترام جو درس ڏئي ٿو، محنت ڪش طبقي جي حقن کي تسليم ڪرڻ ترقي جي عمل لاءِ نهايت ضروري آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت محنت ڪش طبقي لاءِ ڪم جي ماحول ۽ انهن جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته ترقيءَ جي ثمر کي معاشري جي سمورن طبقن لاءِ خوشحالي ۾ بدلائڻ جو به عزم رکون ٿا

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے