نڪور خبرون
Home / سنڌ / موري واسڻ جو احتجاج، پوليس تي رشوت گهرڻ جو الزام

موري واسڻ جو احتجاج، پوليس تي رشوت گهرڻ جو الزام

مورو (رپورٽر)درياخان مري پوليس جو بدمست ايس ايچ او بيگناھ گرفتار مڙس جي آزادي لاءِ پنجاھ  ھزار رشوت طلب ڪري رھيو آھي مان مسڪين غريب ڳڀي لاءِ پريشان پئسا ڪٿان ڏيان مسمات حسينه ڪورائي ڏکن جا داستان ٻڌائيندي روئي ويٺي ھن وڌيڪ چيوته ڪجهه ڏينھن پھريان مورو جي سچل ڪالوني ۾ اسان جي گھر تي پرھ  ڦٽي جو  درياءَ خان مري پوليس جو ايس ايچ او اشرف ميمڻ قمر آباد ايس ايچ او محمد عيسي ڏاھري پوليس اٽالن سان گڏجي چادر چؤديواري جو تقدس پاۂمال ڪندي اسان جي ڀتيون ٽپي اسان جي گھر م داخل ٿيا مان قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري رھي ھۂس مونتي تشدد ڪيو منھنجي ننڊ م ستل جوان نياڻين کي پڻ تشدد جو نشانو بڻايون مان انھن کي الله رسول قرآن جا واسطا ڏنا پر انھن  اسان جي  ھڪ به نه ٻڌي منھنجي بيمار مڙس کي زبردستي انسان سوز تشدد ڪندا اسان جي اکين جي اڳيان گھليندا اسان جي گھر جو قيمتي سامان پڻ  کڻي ويا ھنن چيو تہ پوليس ھروبرو ڪجهه ڏينھن پھريان اسان جي ڳوٺ جان محمد سيال  ۾ زيب النساءَ ڪورائي جو قتل ٿيو ھو ان جي قتل سان اسان جو ڪوبه تعلق ناھي مقتولا جي وارثن پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ منھنجي مڙس جو نالو به ناھي پوليس ھروبرو بيگناھ اسان جي مٿان ڏمرجي وۂي آھي اسان مسڪين آھيون اسان جي ڪنھن سان بہ ڪا دشمني ڪانھي پوليس منھنجي بيمار مڙس تي اسان جي برادري جي بااثر اسماعيل   عامر خان گلابي جي چرچ تي  تشدد ڪري رھي آھي ھن چيو تہ منھنجي مڙس احمد خان ڪورائي کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار اسان جي برادري جا بااثر  ايس ايچ او درياءَ خان مري اشرف ميمڻ ايس ايچ او قمرآباد محمد عيسي ڏاھري ھوندا ھنن  چيف جسٽس آف پاڪستان ،آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي شھيد بينظيرآباد، ايس ايس پي نوشھرو فيروز کي پرزور اپيل ڪئي ته اسان جي گھر تي چادرچؤديواري جو تقدس پامال ڪندڙ پوليس اھلڪارن  اسان کي ڌمڪيون ڏيندڙ ڪورائي برادري جي بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري بيگناھ گرفتار ڪيل احمد خان ڪورائي کي آزاد ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رونيو لاءِ نوان ذريعا ڳولڻا پوندا، نئين مالي سال ۾ ننڍا قرض ڏينداسين: وڏو وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايندڙ مالي سال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے