نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / نائيجيريا جو آرمي چيف ڪرونا سبب زندگي جي جنگ هارائي ويٺو

نائيجيريا جو آرمي چيف ڪرونا سبب زندگي جي جنگ هارائي ويٺو

نائيجيريا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائيجيرين جو چيف آف اسٽاف ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب نائيجيريا جي بااثر شخصيت ۽ نائيجيرين جي چيف آف اسٽاف مالم اباڪياري ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو جنهن جي تصديق صدارتي ترجمان طرفان  به ڪئي وئي آهي.ميڊيا رپورٽ موجب نائيجيرين صدر محمد بوباري جي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ ان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته 70 ساله اباڪياري جو مارچ ۾ جرمني جي دوري کان پوءِ ڪورونا جو ٽيسٽ هاڪاري آيو هو جنهن کان پوءِ کيس آئسولسيشن ۾ رکيو ويو هو پر علاج دوران هو 17 اپريل تي فوت ٿي ويو.چيف آف اسٽاف مالم اباڪياري کي شگر سميت ٻيون بيماريون به هيون هو نائيجيرين صدر محمود بوپاري جو سڀني کان اهم ۽ بااثر ساٿي سمجهيو ويندو هو جيڪو هينئر تائين ڏاکڻي آفريڪي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙ انتهائي اهم شخصيت آهي.واضح رهي ته آفريڪي ملڪ نائيجيريا ۾ ڪورونا وائرس جا تقريبن 500 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جڏهن ته 17 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿيا آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪي سينيٽ جي ميمبر ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽ جي ميمبر ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے