نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ايوان صدر ۾ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس: رمضان المبارڪ ۾ عبادت مسجدن ۾ ڪرڻ بابت صلاح مشورا
President Dr Arif Alvi chairing the consultative meeting with Ulema at Aiwan-e-Sadr, Islamabad on April 18, 2020

ايوان صدر ۾ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس: رمضان المبارڪ ۾ عبادت مسجدن ۾ ڪرڻ بابت صلاح مشورا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ڪورونا جي حوالي سان روزانو آگاهي ڏيندي رهندي آهي، نظم ۽ ضبط جو اظهار اسلامي معاشري ۾ مسجدن مان ئي ٿيڻ گهرجي، قوم انتظار ڪري رهي آهي ته حڪومت ۽ عالم سڳورا گڏجي اڳتي وڌن. صدر عارف علوي جي صدارت هيٺ عالم سڳورن جو اجلاس ٿيو، وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس دوران حڪومت طرفان عالم سڳورن کي ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت آگاهي ڏني وئي. ايوان صدر ۾ ٿيل اجلاس ۾ پير نورالحق قادري، ڊاڪٽر قبلا قياز، پير چراغ الدين شاهه، راجا ناصر عباس، ظفر مرزا مفتي گلزار حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪورونا جي وبائي حالتن دوران رمضان المبارڪ ۾ نماز ۽ عبادت مسجدن ۾ ڪئي وڃي يا گهرن ۾ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا. اجلاس ۾ رمضان المبارڪ ۾ ڪورونا جي روڪٿام لاءِ اثرائتي حڪمتي عملي تيار ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. صدر عارف علوي چيو ته حڪومت ڪورونا جي حوالي سان روزاني آگاهي ڏيندي رهندي آهي. هن چيو ته، نظم ۽ ضبط جو اظهار اسلامي معاشري ۾ مسجدن مان ئي ٿيڻ گهرجي. صدر عارف علوي چيو ته، قوم انتظار ڪري رهي آهي ته حڪومت ۽ عالم سڳورا گڏجي اڳتي وڌن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اجلاس جو مقصد رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ ڪرونا وائرس جي روڪٿام روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ آهي. هن چيو ته، اجلاس جو اهم مقصد خود اعتمادي وارو جذبو پيدا ڪرڻ آهي. صدر عارف علوي چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ ڪورونا جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي. الله تعاليٰ کان مغفرت ۽ وبا کان ڇٽڪارو گهرڻ آهي. صدر عارف علوي چيو ته اميد ڪيان ٿو ته مسجدن ۾ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪيو ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے