نڪور خبرون
Home / سنڌ / سنڌ سرڪار صوبي ۾ هلندڙ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي آهي،بيڪريون ۽ تندور کُلي وي

سنڌ سرڪار صوبي ۾ هلندڙ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي آهي،بيڪريون ۽ تندور کُلي وي

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ سرڪار صوبي ۾ 27 ڏينهن کان هلندڙ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي آهي، اڄ کان ڪپڙي، ڌاڳي، پلاسٽڪ، ڪيبل جون فيڪٽريون ۽ هوٽلزکولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، شهرين کي ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪورونا وائرس بابت ايس او پيز تي عملدرآمد لازمي هوندو، عمل نه ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، سنڌ ۾ صبح 8 وڳي کان بيڪريون ۽ تندور کُلي ويا، هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس کي هوم ڊليوري جي به اجازت ملي وئي. سنڌ جي گهرو کاتي 17 فيڪٽريون کولڻ جي به مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي. گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته بيڪريون ۽ تندور صبح 8 وڳي کان شام پنجين وڳي تائين کليل رهندا. صوبي ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي بدستور برقرار رهندي، ڀڃڪڙي ڪندڙن کي گرفتار ڪري سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ،گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ماسڪ نه پائيندڙ شهرين خلاف به سختي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي..

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے