نڪور خبرون
Home / پاڪستان / سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ رڳو 144 وينٽي ليٽر هئڻ جو انڪشاف، سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ رڳو 144 وينٽي ليٽر هئڻ جو انڪشاف، سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ اڻپورن انتظامن خلاف پاڻمرادي نوٽيس تي سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، سنڌ سرڪار چيو آهي ته ڪراچي جي 11 يوسيز کي ڪورونا جا ڪيس 234 تائين وڌڻ بعد سيل ڪيو، پنجاب سرڪار به جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ رڳو 144 وينٽي ليٽر هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ صوبي ۾ 383 ورڪنگ وينٽي ليٽرز آهن، 144 وينٽي ليٽرز ڪورونا مريضن لاءِ مختص ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ ڪورونا جي ڳڻتي جوڳن مريضن جو انگ 21 آهي. رپورٽ موجب، سڄي صوبي ۾ 16 هزار 920 ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي، ڪراچي جي 11 يونين ڪائونسلز کي 86 مان وڌي 234 ڄڻن کي ڪورونا وائرس ٿيڻ جي ڪري سيل ڪيو ويو. رپورٽ موجب، 11 يونين ڪائونسل جي آباد 6 لک 74 هزار کان وڌيڪ آهي، 11 يونين ڪائونسز ۾ 6 هزار 673 راشن بيگ ورهايا ويا آهن. رپورٽ موجب، سڄي صوبي ۾ هڪ واضح طريقيڪار موجب 2 لک 50 هزار ماڻهن ۾ راشن ورهايو ويو، صوبي ۾ هڪ هزار 56 آئسوليشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے