نڪور خبرون
Home / پاڪستان / تنقيدون ڪندڙ حقيقت سمجهي پوءِ ڳالهائن: فردوس عاشق

تنقيدون ڪندڙ حقيقت سمجهي پوءِ ڳالهائن: فردوس عاشق

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته تنقيد ڪندڙ پهريان حقيقتون سمجهن ان کان پوءِ ڳالهائين.پنهنجي ٽوئٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورونا جي خلاف نوڪري تي مقرر ڪنهن سرڪاري ملازم يا ڊاڪٽر جي قيمتي حياتي جو الله نه ڪري نقصان ٿئي ٿو ته پنجاب حڪومت کيس شهيدن جو پيڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. گريڊ هڪ کان 16 تائين جي خاندانن ۾ 40 لک جڏهن ته گريڊ 17 کان مٿي وارن ملازمن کي 80 لک جي امداد ڏني ويندي بنا سبب جي تنقيد ڪندڙن جي لاعلمي تي ڏک ئي ڪري سگهجي ٿو.هن چيو ته وزيراعظم عمران خان مستحق ماڻهن ۽ مزدورن جي لاءِ ملڪي تاريخ جو سڀني کان وڏو پيڪيج ڏنو آهي. پنجاب پاران ڪورونا جي خلاف جنگ وڙهندڙ ڊاڪٽرن، نرسن ۽ طبي عملي کي هڪ مهيني جي اضافي پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. خاص صلاحڪار جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان هڪ ڪروڙ 20 لک غريب عوام کي 12000 هزار روپيه في ماڻهو امداد ڏني.144 ارب روپيه غريبن ۾ ورهايا پيا وڃن. 8 اپريل کان وٺي هينئر تائين  سڄي ملڪ جي تقريبن 41 لک 40 هزار خاندانن ۾ 49 ارب 68 ڪروڙ 5 لک روپيه ورهايا ويا آهن. تنقيد ڪندڙ پهريان حقيقتون سمجهن ان کان پوءِ ڳالهائين. سياست بجاءِ سمورن صوبن ۾ ڪروونا وائرس کي ڪنٽرول ڪرڻ اصل مشن آهي. عمران خان ڪورونا ۽ بک ٻنهي جي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي. هن جنگ ۾ سڀ هن جو ساٿ ڏيو ڇو ته هي وقت سياست جو نه پر ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے