نڪور خبرون
Home / رانديون / لاڳتو ڪرڪيٽ کيڏڻ سبب ڪيرئير ختم ٿيڻ جو امڪان هو: عامر

لاڳتو ڪرڪيٽ کيڏڻ سبب ڪيرئير ختم ٿيڻ جو امڪان هو: عامر

لاهور (اسپورٽس نيوز)  قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته لاڳيتو ڪرڪيٽ کيڏڻ سبب منهنجو ڪيريئر جلد ختم ٿيڻ جو امڪان هو. فاسٽ بالر محمد عامر برطانوي ريڊيو سان ڳالهيون ڪندي چيو ته وڌيڪ 5 کان 6 سال ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي آهي. محمد عامر چيو ته گذريل 3 سالن کان مان هر فارميٽ جي ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهيان مون ورلڊ ڪپ 2019 به انجري ۾ کيڏيو هو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ ۽ ماضي جي عظيم فاسٽ بالر وقار يونس ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺي انٽرنيشنل ليگز سبب وائٽ بال ڪرڪيٽ تي فوڪس ڪندڙ سينئر بالرن وهاب رياض ۽ محمد عامر تي سخت تنقيد ڪئي هئي. وقار يونس سڊني مان پاڪستاني صحافين سان وڊيو لنڪ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته رانديگرن ڪڏهن به اهو فيصلو ناهي ڪيو ته هي ميچ اسان جو آخري ميچ آهي. ان کان پوءِ جڏهن بورڊ ڪڍندو آهي ته اسان روئيندا آهيون ان لاءِ رانديگرن کي به کليل ذهن سان فيصلو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وهاب ۽ عامر پنهنجو فيصلو ڪرڻ وقت سوشل ميڊيا جو سهارو ورتو ۽ بورڊ کي ٻڌائڻ جي به زحمت نه ڪئي. اهڙي قسم جي فيصلن سان ملڪ کي نقصان ٿيندو آهي وهاب ۽ عامر جي فيصلي کان پوءِ آسٽريليا جي مشڪل دوري کان اڳ اسان نوجوان بالرن طرف وياسين. واضح رهي ته محمد عامر ۽ وهاب رياض گذريل سال ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو جنهن تي کيس سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو هو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

گليڊي ايٽرز جي بالنگ ڪوچ عبدالرزاق پاران قلندرز ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش

لاهور: (اسپورٽس نيوز)  پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي ٽيم ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي بالنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے